ڏهرڪي: ٽيڪنيڪل ڪاليج کي تالا هڻڻ ۽ شاگردن جي داخلا تي پابندي خلاف ڌرڻو

ڏهرڪي ۾ مختلف تنظيمن پاران ڏهرڪي ٽيڪنيڪل ڪاليج کي تالا هڻڻ ۽ شاگردن جي داخلا تي پابندي خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

شاگردن سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ايس يو پي اڳواڻ حاتن شر،  ايڊوڪيٽ غلام رسول مهر،  انڊس ڪانگريس جي وحيد لولائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مختلف اسڪولن جي سوين شاگردن پاران ڪاليج جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته صنعتي ادارن جي سهڪار سان هلندڙ اداري ۾ غير سنڌي انتظاميه مسلط ڪئي آهي جنهن تعصب پرستاڻو رويو اختيار ڪندي ڪاليج کي تالا هڻائي مقامي شاگردن جي داخلا تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.

هنن چيو ته ڪاليج بند سبب شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي، اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي شاگردن جو مستقبل بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.