ٺري ميرواهه: شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ ۽ گندو پاڻي رستن تي گڏ ٿيڻ خلاف احتجاج

ٺري ميرواهه جي شهر هنڊياري ۾ صفائي نه ٿيڻ خلاف شھرين پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن نياز بادامي، استاد اسحاق ڀٽي، دولت دستي، عبدالستار شر ٻين جو چوڻ هو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان شھر جون ناليون صاف ناهن ڪيون ويون صفائي نه  ٿيڻ ڪري گندو پاڻي روڊن رستن تي بيهجي ويو آهي جنهن سبب بدبوءِ  پکڙجڻ سان گڏ شهري بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن.

هنن الزام هڻندي چيو ته يونين ڪائونسل جو سيڪريٽري هر مهيني ايندڙ لکين رپين جي بجيٽ  هڙپ ڪري ٿو، ڪيترائي ڀيرا اعليٰ اختيارين کي شڪايت ڪرڻ باوجود تدارڪ نه پيو ڪيو وڃي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته شهر جي صفائي ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.