ايشز سيريز: شروعاتي ٻن ٽيسٽ ميچن لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو اعلان

 

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف ايشز سيريز جي شروعاتي ٻن ٽيسٽ ميچن لاءِ ڪرڪيٽ آسٽريليا اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب 15 رڪني ٽيم جي اڳواڻي ٽيم پين ڪندو، جڏهن ته پيٽ ڪمنز نائب ڪپتان هوندو، گڏوگڏ پاڪستان ڄائي عثمان خواجا کي به ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

آسٽريلوي ٽيم ۾ ٽم پين (ڪپتان)، پيٽ ڪمنز (نائب ڪپتان)، ڪيمرون گرين، جوش هيزل ووڊ، مارڪس هيرس، ٽريوس هيڊ، عثمان خواجا، مارنس لبوشين، نيٿن ليون، مائيڪل نيسر، جهي رچرڊسن، اسٽيو سمٿ ۽ مچل اسٽارڪ شامل آهن.

واضح رهي ته ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ 8 ڊسمبر کان برسبين ۽ ٻي ٽيسٽ 16 ڊسمبر کان ايڊيليڊ ۾ شروع ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.