ڪراچي ۾ ڊاڪٽرياڻي سان مبينا لڄالٽ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ٿاڻي فريئير جي حدن ۾ ڊاڪٽرياڻي سان مبينا زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي.

پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪندي ڊاڪٽرياڻي سان مبينا لڄالٽ جي الزام ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايف آءِ آر موجب عورت کي دوست ياسر 14 نومبر تي گهران پڪ ڪيو ۽ ان کي پنهنجي فليٽ ۾ وٺي وڃي لڄالٽ جو نشانو بڻايو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مزاحمت تي عورت جي هٿن ۽ جسم تي زخم به آيا، جڏهن ته طبي معائني کانپوءِ صورتحال واضح ٿي ويندي.

هوڏانهن بن قاسم ٽائون ۾ به عورت سان مبينا زيادتي جي جوابدار کي گرفتار ڪندي پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.