آڱرين جي مدد سان مختلف علاج ڪرڻ جا انوکا طريقا

گهڻي ٿڪاوٽ هجي ته وڏي عمر وارا ماڻهو پاڻي کي هلڪو گرم ڪري ان ۾پير وجهڻ جو مشورو ڏيندو آهي ۽ جن ماڻهن اهو طريقو آزمايو آهي انهن کي خبر آهي ته ٿڪاوٽ جو احساس ڪيترو گهٽجي ويندو آهي اهڙي ئي ريت جاپان ۾ آڱرين جي مدد سان به علاج ڪيو ويندوآهي.

جاپان جي قديم علم جن شن جيوتسو موجب اسان جي هٿن ۽ پيرن جو رڳون ڪنهن نه ڪنهن ريت جسم جي عضون سان ڳنڍيل هونديون آهن، انڪري هٿ جي مخصوص حصن تي دٻاءُ وجهڻ سان ڪجهه مسئلا گهٽائي سگهجن ٿا.

سڀ کان اڳ ڳالهه ڪيون آڱرين جي چوٽين جي ته انهن تي هلڪي زور سان پنجن سيڪنڊن تائين دٻاءُ وجهڻ کانپوءِ انهن کي هلڪو مٿي ڇڪيو ته نزلو، زڪام ۽ ڳلي جي سور جهڙا ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

آنڱوٺي کانسواءِ باقي چئني آڱرين جا ٻيو نمبر جوڙ اکين ۽ ڪنن سان ڳنڍيل هوندا آهن، جيڪڏهن ان جاءِ تي دٻاءُ وڌو وڃي ته ڪنن ۽ اکين جي تڪليف گهٽائي سگهجي ٿي.

ان تصوير ۾ ٻڌايل چئن پريشر واري جاين کي واري واري سان پنج سيڪنڊن تائين دٻائجي.

اهي دٻاءَ واريون جايون ساهه جي تڪليف، نزلو، کنگهه ۽ ڳلي جي سُور جو علاج ڪرڻ کانسواءِ ڪرنگهي جي هڏي جو سُور به گهٽائي سگهجي ٿو.

2018 ۾ ڪيل تحقيق موجب تصوير ۾ ان جاين تي دٻاءُ وجهڻ سان مريضن ۾ اعصابي دٻاءُ گهٽ ڏٺو ويو جن جي ٿوري دير کانپوءِ دل جي سرجي ٿيڻي هئي.

جيڪڏهن توهان به اعصابي ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار آهيو ته انهن جاين تي پنجن سيڪنڊن تائين هلڪو دٻاءُ ڏئي آزمائي سگهو ٿا.

انکانسواءِ ان تصوير ۾ هٿ جي اڳين ۽ پٺين پاسي ڏنل پريشر پوائنٽن تي دٻاءُ وجهڻ سان معدي ۾ سُور، الٽي ۽ طبيقت ۾ بيقراري واري وقت ۾ سُڪون ملي سگهي ٿو.

You might also like

Comments are closed.