کدڙن فقيرن جو وڏو انگ پ پ ۾ شامل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  کدڙن فقيرن جو وڏو انگ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو.

ڪراچي ۾ وڏي انگ ۾ کدڙن فقيرن پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، کدڙن فقيرن جي 25 اڳواڻن پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پارٽي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي نثار کهڙي چيو ته کدڙن فقيرن جا 25 اڳواڻ پ پ ۾ شامل ٿيا آهن، جڏهن ته انهن سان گڏ ٻين به پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته پ پ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي آهي، جنهن ۾ سڀني لاءِ برابر موقعا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.