ڪنڌڪوٽ : ويڪسينيٽرن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ 17 ڏينهن به بک هڙتال ڪئي وئي

ڪنڌڪوٽ ۾  ھليٿ کاتي جي ويڪسينيٽر پاران 17 هين ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتال جاري رکي وئي.

ان موقعي تي ملازمن ـ سيد سردار شاهه  ـ عنايت الله چشتي ـ راجو خان ڏاھاڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته  336 اين ٽي ايس پاس ملازمن کي پوري سنڌ ۾ جبري بر طرف ڪيو ويو آهي کين  فوري طور تي بحال ڪيو وڃي ۽ ٽائيم اسڪيل اپگريشن ڏنو وڃي.

احتجاج ڪندڙن سپريم ڪورٽ ـ سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو تيز ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.