بدين: سياسي، سماجي ڌرين پاران سرداري نظام خلاف ريلي

بدين ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ صحافين پاران عوامي آواز جي نعري ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ تحت ريلي ڪڍي وئي.

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شاھنواز سيال، سينئر صحافي لالا ھارون گوپانگ، صحافي عبدالمجيد ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت بدين تائين هٿن ۾ بينتر کڻي ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان سرداري نظام جي مخالفت اڄ نه پري سالن کان ڪندا پيا اچون، سردارن سنڌ جي نياڻين نوجوانن سميت ڪيترن ئي مائرن  جون جهوليون خالي ڪيون آھن، ناظم جوکيو جو قتل به سرداري نظام جو تاريخي ثبوت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.