ڪوٽڙي ڀرسان حادثو، ٻه ڄڻا فوت، ٻه زخمي

ڪوٽڙي ڀرسان بيٺل ٽرالر کي سان ٻيو ٽرالر ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.

ڪوٽڙي ڀرسان لوڻي ڪوٽ وٽ موٽروي تي بيٺل خراب ٽرالر کي پويان ايندڙ تيز رفتار ٽرالر ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻه ڊرائيور فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

فوتين ۾ ميانوالي جو رهواسي 45 ورهين جو پرويز احمد ۽ 40 ورهين جو نويد احمد شامل آهن.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي بلاول ميڊيڪل ڪاليج اسپتال منتقل ڪيو.

ٻي پاسي پوليس ٻنهي ٽرالرن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.