ڪراچي جي علائقي صدر جي هڪ ٻي مارڪيٽ ۾ خوفناڪ باهه ڀڙڪي پئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر جي هڪ ٻي ڪاروباري مارڪيٽ ۾ خوفناڪ باهه ڀڙڪي پئي.

صدر جي هڪ مارڪيٽ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ لڳل باهه کانپوءِ بحالي جو ڪم اڃا شروع ئي نه ٿيو هو ته هڪ ٻي مارڪيٽ ۾ باهه جو واقعو پيش اچي ويو.

فائر برگيڊ موجب صدر جي زينب مارڪيٽ ڀرسان وڪٽوريا سينٽر ۾ پنجين ماڙ تي باهه لڳي، جنهن کي وسائڻ لاءِ مرڪزي فائر برگيڊ کانسواءِ صدر، منظور ڪالوني ۽ ٻين سينٽرن مان گاڏيون ۽ فائر فائيٽر روانا ڪيا ويا.

دڪاندارن جو چوڻ آهي ته انهن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر مارڪيٽ ۾ آڪسيجن ليول گهٽ هجڻ سبب ڏکيائيون پيش آيون ۽ ڪيترن ئي دڪاندارن جي حالت خراب ٿي وئي.

ٽريفڪ هيلپ لائن 1915 موجب صدر ويندڙ عبدالله هارون روڊ کي ڦوهارا چوڪ کان ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته وڪٽوريا سينٽر ڀرسان ڪوآپريٽو مارڪيٽ ۾ 3 ڏينهن اڳ خوفناڪ باهه سبب 500 کان وڌيڪ دڪان متاثر ٿيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.