اڪشي ڪمار، جيڪولين فرنينڊس جي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪارا جيڪولين فرنينڊس عورتن کي وار گهُنڊي ڪرڻ جو دلچسپ طريقو ٻڌايو آهي.

باليووڊ جو کلاڙي اڪشي ڪمار اڪثر ڪري ۽ گهڻي ساٿي اداڪارن جون مزاحيا وڊيو ٺاهي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪندو رهندو آهي جنهن مان واهپيدار گهڻو لطف اندوز ٿيندا آهن ۽ هاڻي به هن اهڙو ئي ڪجهه ڪيو آهي.

اڪشي ڪمار جيڪولين فرنينڊس جي هڪ وڊيو شئير ڪئي جنهن ۾ هوءَ هيلي ڪاپٽر ۾ ويٺي وارن کي گهُنڊي گهُنڊي  ڪندي نظر اچي رهي آهي.

اداڪار وڊيو جي ڪيپشن ۾ عورتن سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان سڀني جي لاءِ هي هڪ جڳاڙ آهي جيڪو جيڪولين جڳاڙ طرفان پيش ڪيو ويو آهي، هيءَ وڊيو ڏسو ۽ سِکو ڪهڙي نموني هيليڪاپٽر ۾ويهي هوا ۾ وارن کي گهُنڊي گهُنڊي ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.