عوامي آواز جي خبر تي نوٽيسم کنڀيل عورت ۽ 2 نينگريون آزاد

گهوٽڪي ( ڊ ر ) عوامي آواز ۾ خبر شايع ٿيڻ بعد ڊي آء جي سکر نوٽيس ورتو , ٻه ڏينهن پهرين گهوٽڪي پوليس پاران پورهيت احمد دين شيخ , مائي ممتاز ۽ ٻه معصوم ٻالڪ انم ۽ سونم کي کنڀي گم ڪيو هو جنهن جي خبر عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ بعد گهوٽڪي پوليس کين مجبورن آزاد ڪري ڇڏيو , آزاد ٿيل پورهيتن عوامي آواز جو ٿورو مڃيندي چيو ته اسان مسڪين آهيون ڏوهارين سان ڪو واستو ناهي , گهوٽڪي پوليس بلاجواز کنڀي گم ڪري ڇڏيو , عوامي آواز پنهنجو فرض نڀائيندي اسان کي آزاد ڪرايو . ٻيا گهرڀاتي بعد قيد آهن، نوٽيس وٺي کين آزاد ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.