خيرپور ۾پيڪين گهمڻ آيل ناري اغوا، پٽيشن داخل

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)ٽي مهينا اڳ شادي بعد پيڪين گهمڻ آيل ناري اغوا، وڏيري ۽ باردري جي ماڻهن خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل، ڌيءَ کي بازياب ڪرائڻ جي استدعا، نوٽيس جاري، الزام هيٺ آيل عدالت طلب. تفصيل  مطابق 12 جولاءِ تي تعلقه ميرواهه جي ڳوٺ ڏاتو دستي مان جميل احمد دستي سان شادي ٿيل نوجوان ناري مسمات شميم دستي جي والد غلام اصغر دستي پنهنجي ئي برادري جي ساڳي ڳوٺ جي رهواسين وڏيرو لطف علي، محمد مٺل، الهڏنو، علي گل، عرفان علي، حميد، شفيع محمد ۽ لال بخش دستي خلاف خيرپور جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي الزام مڙهيو آهي ته جوابدارن سندس جي گهر ۾ گهري هٿيارن جي زور تي سندس جي ڌيءَ مسمات شميم کي اغوا ڪري وڃي باندي بڻائي ڇڏيو آهي.. هن عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته سندس جي ڌيءَ کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.