ڳڙهي حسن لڳ مقابلو، 7 ڪيسن  ۾ گهربل 2 ڏوهاري گرفتار

ڳڙهي حسن (ن ع آ) ڳڙهي حسن ڀرسان عبدالله سرڪي ايٽ آرڊي 52 پوليس پاران مرهيٽا موڙ تي  مبيناطور ڌاڙيلن ۾ مقابلو ڏيکاري 7 ڪيس ۾ گهربل ڳوٺ لکمير بروهي جو رهواسي غلام سرور بروهي سندس سنگتي ٻڍو بروهي کي مقابلي  بعد گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي  هوڏانهن ڌاڙيل ڄاڻايل غلام سرور بروهي مقابلي کي ڇڙتو ڄاڻائيندي چيو ته  منهنجو پنهنجي رشتيدارن سان زميني تڪرار هلندڙ هو جنهن تان مون مٿان ڪوڙا ڪيس داخل هئا ۽ پوليس ڳري رشوت وٺي جڙتو مقابلو ڄاڻائي گوليون هنيو آهن اعلي اختيار نوٽيس وٺي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي  رابطو ڪرڻ تي آر ڊي 52 پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي مرهٽہ موڙ تي  پهتاسين ته غلام سرور بروهي جو ڌاڙيل ساٿين سان ڏس مليو جنهن تان  ڪاروائي ڪرڻ تان ساٿين جون گوليون لڳس ۽ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي هن چيو  ته زخمي مٿان  ڳڙهي حسن ٺل  نواب شاهه  آرڊي 52 ٿاڻن تي پنج ڪيس داخل آهن، سندس جيڪب آباد علاج لاءِ منتقل ڪيو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.