ڊگهڙي ۾ عورتن جو نادرا عملي خلاف احتجاج

ڊگهڙي (ن ع آ)ڊگهڙي ڀرسان امن آباد ضلع بدين جي رهواسين طالب حسين جروار،سليم خاتون ۽ مسمات پيراڻي جروار پريس ڪلب ڊگهڙي ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائڻ لاء گذريل ڪافي ڏينهن کان نادره آفيس ڊگهڙي جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون اسانکي ٽوڪن جاري ڪيو وڃي ٿو پر شام تائين نمبر نٿو اچي ۽ مايوس ٿي واپس گهر موٽڻو پوي ٿو هنن چيو من پسند ۽ سفارش تي ماڻھن جا سڃاڻپ ڪارڊ تيار ڪيا وڃن ٿا بي پهچ ماڻھون دربدر آهي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.