ماٿيلو: گهر تي چڙهائي بعد گم ڪيل گهر ڀاتي آزاد نه ٿيا، احتجاج

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ : پريم راٺوڙ)  گهوٽڪي ٽانوري پلاٽ ڪالوني جي رهواسي جو ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس ٻاهران ايس ايڇ او گهوٽڪي خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي گهوٽڪي جي رهواسي امير بخش شيخ، پنهنجي ويجهن ساٿين فقير محمد حسين مھر، فقير نور احمد مھر سان گڏجي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آءُ غريب پورهيت آھيان مزدوري ڪري پنهنجي گھر جو گذر سفر ڪيان ٿو پر گھوٽڪي ايس ايڇ او صدورو لاشاري بنا جواز مون کي تنگ ڪري ٿو هن وڌيڪ چيو ته مون کي ايس ايڇ او گھوٽڪي صدورو لاشاري مان جان جو خطرو آهي، هن چيو ته ايس ايڇ او گهوٽڪي صدورو لاشاري منهنجي جان جو دشمن بڻجي ويو آهي، خدشو آهي ته مون کي هاف فرائي يا وري فل فرائي ڪري ماري ڇڏيندو، هن گھر مٿان چڙهائي ڪري سي ڊي موٽر سائيل 2011 ماڊل، منهنجي ڀاءُ احمد دين شيخ منھنجي گھر واري مسمات ممتاز، انعم، سونم ۽ ٻين ٻارن توڙي کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، مون تي ڪوبه ڪيس ناهي، ف ليگ جو ورڪر آهيان، مون مٿان سياسي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن چيف جسٽس، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺي ٻارڙن کي آزاد ڪرائي، ٻئي پاسي ايس ايڇ او صدورو لاشاري ٻڌايو ته الزام بي بنياد آهن، نياڻيون ۽ سندس ڀاءُ قيد ناهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.