رهڙڪي لڳ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، ٻه ڄڻا زخمي

رهڙڪي ( رپورٽ: رفيق سميجو) ڳوٺ خدا بخش رھڙ رائونتي ٿاڻي جي حد ۾ سميجا برادري جو پراڻي ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، ڪارنهن الزام هيٺ آيل ڌر جا ٻه ڄڻا رضا محمد ۽ دين محمد زخمي ٿي پيا، ان موقعي تي زخمي رضا محمد  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عابد سميجو ڪجھه مهينا اڳ اسان جي مائٽن منهنجي ڀائٽي عابد سميجو مٿان ڪارنهن الزام هنيو هو جنهن بعد اسان جا مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته رات اسين پنهنجي زمين تي سارين جو فصل کڻڻ پهتاسين ته اسان مٿان اسان جي مائٽن علي سميجو عبدالعزيز سميجو  شريف سميجو ۽ راهب سميجو اسان مٿان ڪهاڙين ۽ ڏنڊن سان حملو ڪري اسان کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ اسان جو 64 مڻ سارين جو فصل کڻڻ بعد اسان جي ٽريڪٽر جا ٽائر برسٽ ڪري فرار ٿي ويا،اسان اهڙو اطلاع رائونتي ٿاڻي تي ڏنو آهي پر پوليس ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل معاملي جو نوٽيس وٺندي اسان جي سارين جو فصل واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.