کپري ڀرسان ڳوٺ ۾ باهه، ڪولهين جا 10 گهر سڙي خاڪ

کپرو (ت ر) کپرو ويجهو مهڪ واٽر وٽ ڳوٺ سائينداد مري ۾ چلھ جي چڻنگ اڏڻ سبب ڪولهي برادري جا 10 گهر سڙي ويا سڙي ويل گهر متاثرن ۾ وشنو ڪولهي , سومجي , ليلو , لالو , چانديو , سومجي , ڪستورو ۽ ٻيا شامل آھن گهرن ۾ پيل نياڻين جو ڏاج , اناج , سونا زيور ۽ ٻيو سامان سڙي الھ تلھ ٿي ويو جڏھن ته ڳوٺاڻن فائر برگيڊ کي اطلاع باوجود اڃا تائين نه پهچي سگهي ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائڻ ۾ مصروف آھن ڳوٺاڻن موجب ڳوٺ ۾ 25 گهر آھن 15 گهرن کي باھ کان بچائڻ لاء ڪوشش جاري آھي باھ متاثرن وٽ اڃا تائين انتظاميه نه پهتي آھي باھ متاثرين کلئي آسمان هيٺ بي يارو مددگار آھن ڳوٺاڻن موجب 10 گهرن ۾ ڪجھ به ناهي بچيو سمورو سامان سڙي رک جو ڍير ٿي ويو آھي باھ متاثرين سرندي وارن کان مالي امداد جي اپيل ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.