فيض گنج جي شاخن ۾پاڻي نه پهتو، آبادگار سراپا احتجاج، بک هڙتال

فيض گنج (رپورٽ : امتياز شر) پڪاچانگ ۾ ايريگيشن آفيس جي اڳيان فيض گنج تعلقي جي چئن واهن ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن فيض گنج واھ ويهو واھ علينواز واھ پندرهيو واھ جاجهه مائنر دلور مائنر جي آبادگارن پڇڙي ۾پاڻي جي شديد کوٽ خلاف ٻئي ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي ان موقعي تي پي ايس 29 جي ڊي اي ايم پي اي ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ به بک هڙتالي ڪئمپ تي پهتو جنهن چيو ته فيضگنج ۾ پاڻي جي کوٽ مس مينيجمنٽ آهي هن پاڻي چوري جو ذميوار سياستدان ايريگيشن آفيسرن وڏيرن کي قرار ڏنو هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ مسلسل نوسربازي ڪري رهي آهي  ان موقعي تي آبادگارن جي ڊي اي جي ايم پي اي کي چيو ته اوهان مسلسل هن تڪ مان چونڊبا رهو ٿا پر اوهان به ڪڏهن پاڻي جي کوٽ لاءِ پڇڙي تي اچي اهو نه ڏٺو آهي ته منهنجي تڪ جي ووٽرن وٽ پاڻي آهي يا نه  ٻئي پاسي اسسٽنٽ ڪمشنر فيض گنج مسقيم قريشي بک هڙتالي ڪئمپ تي پهتو جنهن آبادگارن سان ڳالهيون ڪندي کين چيو ته ڪجھ آبادگار ڪجهه ايريگيشن جا آفيسر ويهي ڳالهين ذريعي پاڻي جي حل ڪڍي پاڻي ٽيل تي پهچائي سگهجي ٻئي طرف آبادگارن جي اڳواڻن غلام مصطفي راڄپر ۽ حسنين مهدي بگهڙ چيو ته جيستائين مطالبا منظور نه ٿيندا اسان هتان نه اٿنداسين.

 

  • نئون ديرو ۾  ايوان زراعت آفيس ۾  فصل پوکائي تي  ورڪشاپ

نئون ديرو ( ن ع آ ) ايوان زراعت ضلعي لاڙڪاڻي جي زير اهتمام اسٽريلين گورنمينٽ جي تعاون سان ايوان زراعت آفيس نئون ديرو ۾ علائقي جي هارين کي دالين ۽ چڻن جي فصل ۾ اضافي ڪرڻ واري سلسلي ۾ پي اي آر سي اسلام آباد کان آيل ٽيم پاران هڪ ڏينهن واري ورڪشاپ جو اهتمام ڪيوويو،  جنهن اسلام آباد، فيصل آباد، ملتان کان ايگريڪلچر يونيورسٽي، زرعي ماهرن ۽ سائنٽسٽن شرڪت ڪئي،ورڪشاپ ۾ نئون ديرو ۽ ان جي ڀر واري علائقن سميت سکر، لاڙڪاڻو، شڪار پور،خيرپور جي هارين ۽ آبادگارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته پروگرام ۾ ڊپٽي سپرينڊنٽ ريلوي سکر شعيب عاد مغل به  خصوصي طور شرڪت ڪئي، ورڪشاپ ۾ آيل زرعي ماهرن آبادگارن کي دالين ۽ چڻن جي پيدوار ۾ وڌ ۾ وڌ حصو وٺي بهترين ناڻو ڪمائڻ جو مشهورا پڻ ڏيندي چيو ته ملڪ اندر مهانگائي کي ڏسندي اسان پنهنجي ملڪ اندر دالين جي پيدوار کي وڌائي سگهون ٿان جنهن جي لاءِ ڪيترائي آسان ۽ فري  ۾ پيدوار کي وڌائڻ جا طريقڪار موجود آهن، شعيب عادل مغل جو چوڻ هيو ته پاڪستان ريلوي جي ٻني پاسن کان ريلوي جي زمينن ۾ اسان نيم جا وڻ پوکي رهيا آهيون جيڪي نه صرف موحولياتي آلودگي ۾ فائدي مد ثابت ٿيندو پر ان جي پتن مان نيم جو تيل ۽ اهي پتا آرگينڪ فارمنگ ۾ به ڪم اچي سگهن ٿا.

  • ٽنڊو جان محمد ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو مظاهرو

ٽنڊوجان محمد(ن ع آ) ٽنڊوجان محمد ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن قاضي پمپ کان مين چوڪ تائين قاضي رحيم بخش,اعجاز شاھ,غلام نبي جٽ,قاضي دين محمد,فقير پير بخش لغاري,ظفرالله بروھي,لطيف بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.ھنن چيو ته ايريگيشن عملو وڪجي چڪو آھي,انھن جي من پسندي جي ڪري اسان پوڇڙ جا آبادگار پاڻي لاءِ روڊن تي آھيون، ھنن صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته ھي وقت چيٽ جي آبادي جو اسان سيٺن کان ڀاڻ ٻڄ دوائون اوڌر تي کڻي قرضي ٿياسين مٿان عملدارن پاڻي بند ڪري ڇڏيو،مظاھرين جو چوڻ ھو ته کٽياڻ مائينر کي پھرين ھر پندرنھن ڏينهن کان پوء پاڻي ڏنو ويندو ھو جيڪو ھن وقت ايڪويھ ڏينھن گزرڻ باوجود به نه پيو ڏنو وڃي، ايريگيشن عملي ۾ دارڳو بيلدار کان ويندي انجنيئرن سميت وڏا وڏا آفيسر ڪرپٽ آھن,آبادگار اڳواڻن مظاھري سان مخاطب ٿي پاڻي کوٽ خلاف ضلعي ميرپورخاص جي مختلف شھرن ۾ احتجاج جو پڻ چتاء ڏنو.

  • شهداد ڪوٽ جي شاخن ۾ پاڻي ناهي پهتو، 50 سيڪڙو فصل نه ٿيو: محسن علي

لاڙڪاڻو (ت ر) قمبر شهدادڪوٽ جي سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻن محسن علي قاضي، غلام مرتضيٰ لاشاري، ڪريم بخش، عبدالرزاق چانڊيو ۽ ٻين لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته چيف انجنيئر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن کر جي چيف انجنيئر سکر سردار احمد شاهه کي لاڙڪاڻي رائيٽ بئنڪ جي اضافي چارج ڏني وئي آهي جنهن ڪري قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي وارهه ڪئنال، سيف الله ڪئنال، رائيس ڪئنال سميت واهن ۽ شاخن ۾ ساريالي فصل لاءِ پاڻي نه پهچڻ جي ڪري 50 سيڪڙو فصل نه ٿيو ۽ رائيٽ ڪئنال کي ڇڏي ليفٽ ڪئنال جي آبادگارن کي سياسي رشوت طور پاڻي وڪرو ڪري ڏنو ويو. هنن چيو ته سکر بئراج مان اسان جي ضلعي کي 13 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ جا انگ اکر ڏئي ان جي ڀيٽ ۾ 4 هزار ڪيوسڪ پاڻي چوري ڪري 9 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو جتي چيف انجنيئر سکر بئراج تي هڪ رٽائر ملازم مولانا عبدالعزيز کي رکيو آهي جيڪو پاڻي ورڇ جو نظام هلائي رهيو آهي. هنن چيو ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ هر 6 مهيني انجنيئر کي بدلي ڪيو ويندو آهي جنهن ڪري اسان آبادگارن جا مسئلا حل نه پيا ٿين. هنن چيو ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ واپارين ۽ انتظاميه جي ملي ڀڳت جي ڪري ڊي اي پي جي ٻوري 3600 بجاءِ 9500، يوريا 1740 بجاءِ 2400 وڪرو ٿي رهيو آهي، آبپاشي کاتي ۾ ايماندار آفيسرن کي مقرر ڪري آبادگارن کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي ڊي اي پي، يوريا ۽ ٻجن جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري هاري ڪارڊ جاري ڪري ڏنا وڃن ٻي صورت اسين سکر بئراج سميت سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.