وڏيرڪو نظام غلامي جو نظام آهي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ جاگيرداري ۽ سرداري نظام عوام جي غلامي جو نظام آھي۔ ھن نظام ۾ بيگناھ ماڻھن کي قتل ڪرڻ کانپوء جرڳا ڪري خون لوڙھيا وڃن ٿا۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سرداري ۽ جاگرداري نظام ذريعي سنڌ کي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو۔ فرسوده ۽ بدبودار سرداري ۽ جاگيرداري نظام ذريعي سنڌ جي اقاتدار تي قابض رھي وسيلن جا سوده ڪيا وڃن ٿا۔ عورتن ۽ انساني حقن کي چيڀاٽيو ۽ لتاڙيو وڃي ٿو۔ پيپلز پارٽي قاتل ۽ ظالم سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي سرپرست آھي۔ ھنن عدالتي پابندين باوجود جرڳا ڪري قانون ۽ آئين کي لتاڙي سرداري ۽ جاگيرداري نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي ڪري ھزارين اسڪول بند آھن ۽ اھي ڀانڊا، مال جا وٿاڻ ۽ اوطاقون بنيل آھن۔ قبيلائي جنگ جي ڪري علائقن۽جي زراعت تباھ آھي۔ ترقياتي ڪم نٿا ٿين۔ صحت جون سھولتون ناھن۔ ڌاڙيل ۽ ڏوھاري بي لغام آھن۔ عورتن، نوجوانن ۽ ٻارن کي اظھار جي آزادي ناھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي غلام مان نجات ڏيارڻ کانسواء اسين حقيقي جمھوريت حاصل نٿا ڪري سگھون۔ جاگيرداري ۽ سرداري نظام ظام، بربريت، زھشتگردي جو ٻيو نالو آھي۔ جنھن ۾ نياڻيون اغوا ڪري انھن جا زبردستي مذھب تبديل ڪري جڀري شاديون ڪرايون وڃن ٿيو۔ اغوا، ڦر ۽ ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا۔ سنڌ جو عوام غلامي مان نجات لاء جدوجھد جي ميدان تي اچي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.