سکر جا 2 مغوي آزاد نه ٿيا، ڀنگ طلب، وارثن ۽ سماجي اڳواڻن جو احتجاج

سکر(رپورٽر) پراڻي سکر جي ٻن نوجوان مغوين جي بازيابي لاءِ  وارثن ۽ سماجي تنظيمن جي ورڪرن پاران سکر پريس ڪلب آڏو مغوي نوجوانن ياسر شيخ ۽ عادل شيخ جون تصويرون هٿن  ۾ کڻي  احتجاجي مظاهري نوجوانن جي جلد بازيابي جو مطالبو ڪيو، ان موقعي تي مغوين جي وارثن منظور ، احمد علي شيخ جو چوڻ هو ته ڪجھه ڏينهن اڳ 15 سالا ياسر  ۽ 16 ورهين جو  عادل دوست جي شادي جي دعوت ۾ وڃڻ لاءِ گهران ويا هئا رات جو دير تائين واپس نه اچڻ تي فون تي رابطو ڪيو ته ٻنهي جا موبائيل فون بند هيا صبح جو ٻنهي جي دوستن ۽ مٽن مائٽن سان رابطو ڪيو پر ڪٿان به ڏس پتو نه پيو جنهن بعد اغوا ڪندڙن مغوين جي آزادي لاءِ لکين روپيا ڀنگ گهريو آھي، مسڪين آھيون ڀنگ ادا نه ٿا ڪري سگهون،  اعليٰ اختياريون نوجوانن کي بازياب ڪرائن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.