باڊهه پوليس جي ڪارروائي، 3 ڄڻا گرفتار

باڊھه (ن ع آ  ) باڊهه پوليس هڪ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ٽن ڏوهارين ساجد جلباڻي، عابد جلباڻي ۽ ڪامران ماڇي کي گرفتار ڪري وٽانئن هڪ بندوق، هڪ ٽي ٽي پسٽل سميت ڦر ٿيل ٻه موٽرسائيڪلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي باڊهه، ڳجهڙ روڊ تي موندر شاخ وٽ ڪارروائي ڪندي ذڪر ڪيل ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدار ڏوهه جي ارادي سان نڪتل هئا، جن تي اڳ ئي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس پڻ داخل آهي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري هيون ۽ هڪ مَخفي اطلاع تي کين گرفتار ڪيو آهي. جڏهن ته گرفتار ڪيل ٽنهي جوابدارن خلاف ايف آءِ آر نمبر 70/2021 تحت ڪيس داخل ڪري کين جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.