خيرپور جي ڪاموري جو ڪرپشن ۾پهريون نمبر

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)سنڌ جي 332 ڪرپٽ ڪامورن مان خيرپور بهترين ڪرپٽ ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي خيرپور جو انجينئير ديوان ساجن مل ڪرپشن ڪرڻ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ نيب جي انفارمر علي ڏنو شيخ هڪ لسٽ پنهنجي صحيح ۽ مهر سان سنڌ جي ڪرپٽ ڪامورن جي لسٽ پڌري ڪئي آهي جيڪا هن سنڌ ۽ پاڪستان جي حڪومت کي جاري ڪري ڇڏي آهي. اهڙي لسٽ عوامي آواز کي ملڻ کان پوءِ پبلڪ هيلٿ جي انجينئر ۽ ڪرپشن ڪندڙ عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي مليل لسٽ مان اهو به چٽي طرح ظاهر ٿيو آهي ته ديوان ساجن مل خيرپور سميت ڪنڌڪوٽ،جامشورو ۽ ٻين ضلعن ۾ به ڪرپشن ڪرڻ جو ماهر رهيو آهي ان سلسلي ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته ديوان ساجن مل خيرپور جي سياسي درن جو کاٽو پٽ آهي، ۽ انهن جي هائوسن جا خرچ هلائي ٿو. تنهن ڪري ان مٿان ڪيترا به نيب جا ڪيس داخل هجن ان کي ڪير به پنهنجي عهدي تان هٽائي نه ٿو سگھي ۽ نه وري کيس نيب گرفتار ڪري سگھي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.