پني عاقل لڳ ڪاهه، چوپايو مال ڦر جي ڪوشش، پيرسن ڌي سميت زخمي، احتجاج

پنو عاقل ( ت ر  ) سانگي ٿاڻي جي حد ڳوٺ امام بخش جتوئي جي رھواسي بھاول گرھل جتوئي ھتي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته ڪجھه عرصو اڳ جتوئي برادري جي ھٿياربندن عارف،شاھن،،يعقوب،فاروق، خادم، عبدالڪريم ۽ ٻين ھن جي گھر تي حملو ڪري گھر ۾ بيٺل چوپايو مال جنھن ۾ 9 ڳئون،4 مھينون ۽ ٻيو سامان ڦري رھيا ھئا ته ھن جي سڄاڳ ٿي مزاحمت تي مون کي ۽ منھنجي ڌيءَ کي لٺيون ھٿيارن جا ڪنداق ھڻي رتورت ڪري سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا،جنھن بعد مان سانگي ٿاڻي تي پھچي ھٿياربندن تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آھي پر ھو بااثر ھجڻ ڪري قانون جي ڪٽھڙي کان آجھا آھن،ھن چيو ته جوابدار مون ۽ منھنجي مائٽن کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا ۽ منھنجي پوکيل سارين جي فصل کي ڀيل ۽ ڪجھه ان کڻي ويا آهن، ڇو ته ھو شوروم ھلائيندڙ جا ساٿي آھن،ان ڪري اسان سخت پريشان آھيون، ھن چيو ته جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته ٻن ڏينھن اندر سکر ڊي آءِ جي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻندا سون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.