لاڙڪاڻي لڳ گهر اندر تيلي ٻارڻ تان ٻارڙو سڙي زخمي

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ڪيهر ۾ گهر اندر راند کيڏڻ دوران ماچيس جي تيلي ٻارڻ تان باهه لڳڻ سبب 4 سالن جو ٻارڙو رضا علي پٽ اديب علي دايو سڙي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سندس وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽر سندس جسم جو 90 سيڪڙو حصو سڙڻ جي تصديق ڪندي کيس طبي امداد ڏني. ان موقعي تي سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو ٻارڙو گھر اندر راند کڏيڻ دوران ماچيس جي تيلي ٻاري جنهن مان باهه لڳڻ سبب کيس باهه وڪوڙي وئي جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن سندس جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائيندي کيس ڪراچي اسپتال منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. هنن چيو ته اسين غريب آهيون ايتري سگهه ناهي جو ٻارڙي جو ڪراچي مان علاج ڪرائي سگهون. هنن لاڙڪاڻي جي انتظاميه کي اپيل ڪئي ته سڙي زخمي ٿيل ٻار جي علاج ۾ مدد ڪري سندس حياتي بچائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.