بدين ۾نوجوان جي قتل جو شڪ، ڪيس داخل

بدين (ڊ ر) بدين ۾ ھڪ مھينو اڳ واھ مان نوجوان نياز سومرو جي ملندڙ  لاش وارو مامرو،  فوتي نوجوان نياز سومرو جي پئ حڪيم سومرو  سميت ٽن جوابدارن تي ڪيس داخل  شروعاتي ڏينهن ۾ سندس وارثن پاران خودڪشي قرار ڏيندي فوتي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ نه ڏنو ويو هو. بدين فوتي نياز حسين سومرو جي قتل جو شڪ تفصيل موجب  هڪ مهينو اڳ بدين جي رھواسي جو لاش واه مان مليو سندس وارثن جي مسلسل خاموشي کان پوء  مرحوم نياز سومرو جي گهر واري شبا نه  بدين پوليس جي مدد سان بدين ماڊل ٿاڻي تي پهچي پنهنجي قتل ٿي ويل مڙس نياز سومرو جي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو آهي بدين ماڊل ٿاڻي تي داخل ايف آئي آر ۾ موقف ڄاڙائيندي الزام هڻندي چيو آهي ته سندس مڙس کي منهنجي سهري يعني فوتي جي پئ  حڪيم سومرو محمد سومرو گڏجي گهر ڀرسان اوطاق ۾ قتل ڪري سندس لاش واه ۾ اڇلائي ڇڏيو قتل جي الزام هيٺ آيل فوتي نوجوان نياز جي پئ حڪيم سومرو. واحد سومرو ۽ محمد سومرو روينيو بدين ۾ ڊي سي آفيس جو ڪلارڪ آهي. مرحوم نياز سومرو جي قتل جي ايف آئي آر داخل ڪرڻ کان پوءِ بدين پوليس جانچ  شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.