پيرڳوٺ ۾ ڳوٺاڻن جو حملي آورن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرڳوٺ ۾ ڳوٺاڻن جو حملي آورن جي گرفتاري لاءِ احتجاج. جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي ڳوٺاڻا. رپورٽ موجب ڪنگري جي ڳوٺ ڀاڻو جي رهواسي ڳوٺاڻن نذير ڦلپوٽو، فريد ڦلپوٽو پيرڳوٺ ۾ سخت احتجاج ڪندي چيو ته 4 ڏينهن اڳ بااثر حفيظ ڦلپوٽو، نعمت ڦلپوٽو ۽ ٻين حملو ڪري عورت زاهده ڦلپوٽو ۽ نوجوان صدام ڦلپوٽو کي ڪهاڙيون هڻي مرڻينگ ڪيو پر سي سيڪشن خيرپور پوليس حملي آور جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو آهي، جنهنڪري جوابدار ٻيهر حملي جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. جنهنڪري اسين سخت پريشان آهيون. هنن ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته حملي آورن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.