فريد آباد ۾ واٽر سپلاءِ مامرو، پٽيشن داخل، سول جج جو دورو

فريدآباد ( ن ع آ  ) فريدآباد ۾ واٽرسپلاءِ  جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ڪري ميھڙ سول جج جو ڇاپو ،ڪاوڙ ۾ پبلڪ ھيلٿ آفيسرن کي کارو پاڻي پياريو خبرموجب 6 ڪروڙن جي لاڳت سان  9 ڳوٺن جي واٽرسپلاءِ  جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ڳوٺن ۾ ٽانڪيون ٺاهي نه ڏيڻ ڪرپشن ڪرڻ تي پبلڪ ھيلٿ آفيسرن انجنيئر ايس ڊي او ۽ ٺيڪيدار خلاف فريدآباد  جي ھيومن رائيٽس جي اڳواڻن محرم رند ، شبير ڪرٽيو ۽ ميھر ڏيرو پاران ميھڙ  جي ڪورٽ ۾ ھاءِ  ڪورٽ جي وڪيلن ايڊوڪيٽ شير علي چانڊيو، ايڊوڪيٽ محمد علي ڪانڌڙو معرفت پٽيشن داخل ڪئي ھئي جنهن تي گذريل ڏينهن فرسٽ سول جج ميھڙ محمد اسلم ڪلھوڙو فريدآباد پھچي واٽر سپلاءِ اسڪيم جي تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ ڳوٺن مٿين اکڪڍائي  ڀنڀا ڏيرا، ولي محمد رند ، علي بخش تيوڻو ڪنڊو واھ تائين ڪم جو جائزو ورتو، جڏهن ته فرسٽ سول جج ميھڙ  محمد اسلم ڪلھوڙو ڀنڀاڏيرا ۾ کاري پاڻي جي کوئن مان پبلڪ ھيلٿ آفيسر ايس ڊي او  محمد ادريس ميمڻ کي کارو پاڻي پياريو ۽ پبلڪ ھيلٿ آفيسرن کي ڇنڊ پٽي ، جڏهن ته واٽرسپلاءِ  جو ڪم مڪمل نه ڪرڻ ۽ ٽانڪيون ٺاھي نه ڏيڻ تي سختي سان نوٽيس ورتو ، جڏهن ته سول جج ميھڙ  سان ميھڙ  ٿاڻي جو ايس ايڇ او ذاھد حسين کوسو ۽ فريدآباد  ٿاڻي جو ايس ايڇ او عبدالقيوم کوسو پروٽوڪول ۾ ھيا ۽ سيفٽي پڻ ڏني، ھوڏانھن فريدآباد  جي ھيومن رائيٽس جي اڳواڻن ميھرعلي ڏيرو محرم رند، شبير احمد ڪرٽيو سڪندر بروھي  ۽ پير محمد ڏيرو احتجاج ڪندي چيو ته واٽر سپلاءِ  جو ڪم مڪمل ڪري ڪاڇي واسين کي پاڻي جي فراھمي يقيني بڻائي وڃي ڪاڇي واسي کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.