ڊگهڙي ۾ارڙي مهم جو بائيڪاٽ، هيلٿ ورڪرن جو احتجاج

ڊگھڙي (ن ع آ )ويڪسينٽرن جا مطالبا منظور نه ٿيا اڄ ٻي ڏينهن به ليڊي هيلٿ ورڪرن پاران ارڙي ۽ روبيلا خلاف ويڪسين مهم جو بائيڪاٽ ڪري تعلقي اسپتال ڊگهڙي اڳيان صغري خاصخيلي، ليڊي هيلٿ سپروائزر جنت قبمراڻي،بچان دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا 336ويڪسينيٽر پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاء مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن پر سنڌ حڪومت پاران اڃان تائين سندن سندن جائز مطالبا مڃڻ لاء ڪوبه حڪم نامون جاري ناهي،جائز مطالبا منظور ٿيڻ جا سنڌ حڪومت پاران مسلسل نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جا ڪوڙا دلاسا ڏنا وڃن پيا،جنهنڪري سنڌ جي ٻين شھرن جيان ڊگهڙي جون ليڊي هيلٿ سپروائزر،ليڊي هيلٿ ورڪر مرڪز طرفان ڏنل سڏ تي ويڪسين مهم جو بائيڪاٽ ڪن ٿيون ۽ بائيڪاٽ مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو هنن چيو ته ڪرونا کان بچاء جي ويڪسين،پوليو مهم سميت انساني جانيون بچائڻ لاء ويڪسينيٽر ۽ هليٿ ورڪرز سدائين ميدان عمل ۾ هوندا آهن پر کين پنهنجا جائز حق نٿا ڏنا وڃن جنهنڪري مجبور ٿي احتجاجن بائيڪاٽ ڪرڻو پوي ٿو.

  • خيرپور ۾ڳوٺاڻن جو ناريءَ جي اغوا خلاف احتجاج

خيرپور (رپورٽ: شاهد نواز سيال) بي سيڪشن ٿاڻي خيرپور جي حد مان خانڻ شاه ڀرسان رهندڙ گڙواني برادري جي علي خان، ساحل، ساجن،ديپڪ، مسمات صنم، مسمات زرينه،مسمات حنا، مسمات سڪينه، مسمات بنديان مردن پنهنجي عورتن ۽ معصوم ٻارن سميت احتجاج ڪندي اخبار وارن کي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي نوجوان ناري نشا ڌيءَ علي خان شهر مان سامان خريد ڪرڻ وئي هئي،جنهن کي نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري کني ويا آهن، نوجوان ناري جي اغوا سبب گهر م ڪهرام متل آهي ۽ سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن اسان حد جي ٿاڻي بي سيڪشن تي ناري جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ وياسين ته پوليس اين سي داخل ڪري اسان کي واپس ڪري ڇڏيو، پوليس ناري جي ڳولا ۾ ڪابه مدد نه ٿي ڪري اسان غريب، مسڪين پورهيت آهيون سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليون ٿا، ناري جي اغوا سبب اسان سخت پريشان آهيون،هنن مطالبو ڪيو ته ناري نشا کي اغوا جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري اغوا ٿيل ناري واپس ڪرائي وڃي.

  • وڌندڙ مهانگائي خلاف قمبر ۾شهيد ڀٽو جو احتجاج

قمبر (ت ر ) قمبر ۾ مهانگائي بيروزگاري خلاف پ پ شهيد ڀٽو طرفان جناح باغ کان احتجاجي ريلي ڪڍي هٿن ۾ پلي ڪارڊ جهنڊاکڻي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن محمد جان بروهي،ڪامريڊ شوڪت چانڊيو،طفيل احمد سانگاهه،لالا بشير کوسو،وقار شابراڻي،نظير چانڊيو،عرفان علي گوپانگ،احسان ٻرڙو،علي بابا سوهو ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ هرروز مهانگائي بيروزگاري ۾ واڌ ٿئي ٿي ٻئي پاسي لکيل پڙهيل نوجوانن کي نوڪرين ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪري انهن جو مستقبل رشوت عيوض نااهل ماڻهن کي کپائي ڏنو وڃي ٿو هنن مطالبو ڪيو ته ميرٽ جي لتاڙ ختم ڪري راشي ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪري نوڪريون ميرٽ تي ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.