شوڪت شوري جو وڇوڙو ۽ سندس ساروڻيون

تحرير؛مير نادر علي ابڙو

سنڌي ادب ۾ پنهنجي هڪ ڌار کان سڃاڻپ رکندڙ شوڪت حسين شورو به اسان کان هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪري هليو ويو سندن جيڪي خدمتون رهيون آهن تنهن کي صدين پڄاڻان به اسان ماڻهون وساري نه سگهنداسين هن جو ادبي حوالي سان تمام وڏو ڪردار رهيو هو، سندن لاڏاڻي تي ادبي دنيا ۾ تمام وڏو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو شايد ڪڏهن ڀرجي سگهي.

شوڪت شوري جو جنم 4 جولاءِ 1947ع تي سجاول ضلعي جي ڳوٺ حاجي نور محمد شوري ۾ ٿيو هو سندن پيءُ عبدالڪريم شورو علائقي جو تمام وڏو نالي وارو زميندار جتي هو ته هن سان گڏ قانوندان وڪيل هو جيڪو جج جي عهدي تي به رهيو شوڪت شوري پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. انگريزي تعليم سجاول جي چانڊيا هاءِ اسڪول ۾ ورتي جتي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1966 جي وقت ۾ پاڻ سچل آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان B.A ۽ 1968 ۾ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪيائين .

سندن لکڻ وارو جنون شاگردي واري دور ۾ شروع ٿيو ۽ 1964ع ۾ سندن پهرين ڪهاڻي ”اکيون روئن پيون“ جي عنوان سان ڇپي، 1964 ۾ ماهوار روح رهاڻ رسالي ۾ اها ڪهاڻي شايع ٿي. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيندڙ ٻارڙن جي رسالي گل ڦل جو ايڊيٽر به رهيو ۽ان سان گڏ سرڪاري ٽي وي ڪراچي سينٽر تي بطور اسڪرپٽ پروڊيوسر پنهنجا فرض نڀايا تنهن بعد سنڌ يونيورسٽي جي اداري انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ٿيو جتي 2006 تائين رهيو.

شوڪت شورو 1984 ۽ 2013 ۾ سنڌي اديبن جي وفدن سان گڏ هندستان پڻ ويو جتي سنڌ مان لڏي ويل سنڌي اديبن سان ويجهڙائي تمام گهڻي رهي. سندن ادبي ڪاٺ تمام اونچو هو ۽ تمام حساس طبيت رکندڙ هر ڪنهن جو احساس ڪندڙ شخص هو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار انسانيت جي نانءُ ڪري رکي هئي. ادب سان گڏ سماجي جاڳرتا لاءِ به سندن تمام وڏو ڪردار رهيو هن سڄي ڄمار سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ گذاري ڇڏي.

جڏهن مان 2001  ۾ لاڙڪاڻو ڇڏي سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيس ته لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو تمام گهڻو ياد آيو جتي منهنجي استاد برصغير جي عظيم ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي اوطاق تي اڪثر ادبي محفلون مچنديون هيون اتي مان لازمي طور موجود هوندو هئس اهڙي اوطاق مونکي ڪامريڊ تاج محمدابڙو جي انتهائي وڏي عقيدت مند دوست حميد سنڌي جي اوطاق حيدرآباد ۾ نظر آئي جتي لاڙڪاڻي وانگر ادبي سرگرميون ٿينديون هيون. جتي هر هفتي بزم روح رهاڻ پاران هر آچر تي ڪچهري ڪوٺائي ويندي هئي جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اديب اچي شريڪ ٿيندا هئا اتي شوڪت حسين شوري سان منهنجي پهرين ملاقات حميد سنڌيءَ ڪرائي ۽ بعد ۾ سانس اڪثر ڪچهريون ادبي پروگرامن ۾ ٿينديون رهنديون هيون ۽ اهو سلسلو ۽ نيازمندي ساڻس زندگي جي آخري گهڙين تائين جاري رهي.

سندن چوڻ تي مون پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لائبريري جا سمورا ڪتاب ۽ سندن جي استعمال ۾ رهندڙ شيون عطئي طور ڏنيون سندن صلاح سان مون اهو ڪم ڪيو ۽ سنڌالاجي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي سان الڳ ڪارنر قائم ڪري جتي انهن کي محفوظ رکيو ويو انهيءَ ڪارنر ۾ مخصوص شخصيتن سان گڏ منهنجي والد جا نڪتل فوٽو به لڳايا ويا جيڪو اسان جي فيملي لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي.

سندن تمام وڏيون يادگيريون آهن جن تي جيترو به کڻي لکجي اهو ٿورڙو لڳندو. سندن ڪمي زندگي جي هر پل مونکي شدت سان محسوس ٿيندي رهندي. اهڙا انسان ورلي جنم وٺندا آهن ۽ زندگيءَ کي يادگار بڻائي پاڻکي مرڻ پڄاڻان به امر ڪري ڇڏيندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.