سرداري نظام جي ڏاڍ کي للڪارڻ

تحرير؛حميده گهانگهرو

ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ، انسان لاءِ ڪا ڏکي ڳالهه ناهي. جهنگن، برپٽن ۽ بيابانن ۾ رهندڙ آڳاٽو انسان، جي پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ پهاڙن وڻن تي چڙهي بچاءُ ڪندو هو. انسان جي ارتقائي دور جا قصا اڄ جي جديد دور ۾ ڪنهن جادوگر جي ڪهاڻين وانگر محسوس ٿيندا. پر اها به حقيقت آهي ته ان ئي قديم دور جي انسان، اڄ جي جديد دور تائين ڪيترن مرحلن ۽ مسئلن اڻانگن سفرن زيادتين، حملا ڪندڙن سان جنگيون جوٽي نه رڳو پنهنجو بچاءُ آهي بلڪه ان حيرت انگيز تبديليون به آنديون آهن. ڪڏهن قبيلائي شڪل ۾ خانه بدوشن واري زندگي گذاري ته ڪڏهن آقا ۽ غلام واري زندگي، هن ڪڏهن جاگيرداري ۽ پوءِ سرمائيداري واري دور جو مقابلو ڪيو. سو انسان، سرداري وڏيرا شاهي پيري مريديءَ کي ڪيئن قبول ڪندو اها وڏي ڀل آهي.

ڇا اوهان کان وسري وئي اها تاريخ، جڏهن ارغونن ۽ ترخانن طرفان سنڌ جي شعور وندن جون زبانون ڪٽيون ويون ۽ جسم تان کلون لاٿيون ويون. ڇا اوهان کان وسري ويو اهو دور جڏهن جاگيرداري ظلم ۽ ستم جو جبر نه برداشت ڪندي هارين پنهنجا سر قلم ڪرائي ڇڏيا پر ڪنهن ڪانئر آڏو ڪنڌ نه جهڪايو. ثبوت کپي ته ميران پور جي مٽيءَ کان پڇو اهي چار هزار اجتماعي قبرون ڪنهن جون آهن شاهه عنايت جهڙي بهادر جوڌي هاري حقدار جو نعرو هڻي پنهنجو سرقلم ٿيندي به نه ڊنو. سنڌ ڌرتي جو هڪ مخدوم بلاول گهاڻي ۾ پيڙجنڊي جسم جي هر هڏيءَ کي وقت ۽ تاريخ لاءِ مثال بڻايو ۽ اڄ هر باشعور مخدوم بلاول به آهي ته شاهه عنايت به. تاريخ جا اهي ڏاها ڪردار جاگيرداريءَ ۽ سرداري نظام جي ظلم زيادتيءَ خلاف آواز بلند ڪرڻ وارا رهيا، ڪن شعور وندن سردارن کي ورثي ۾ سرداري ضرور ملي پر  انهن سندن قوم سان وفاداري ڪندي سردار عطاءُ الله مينگل، سردار خير بخش مري، شير محمد مري ۽ مير غوث بخش بزنجو بڻجي خوشحال زندگي کي پاسيرو ڪري جيلن جون سختيون برداشت ڪندي سزائون ڀوڳيون.

بلوچ اڳواڻ عطا الله مينگل جو پيارو موڀي پٽ اسد مينگل پهريون مسنگ پرسن شهيد آهي جنهن جي اڄ ڏينهن تائين خبر نه پئي ته آخر ڪهڙي مٽيءَ ۾ آرامي آهي. سندس ڀاءُ اختر مينگل انهيءَ سرداري گهراڻي جي ڀل سوني چمچي سان کاڌو کائيندو هجي پر سندس جاکوڙ ۽ جستجو، بلوچ عوام سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتي کي قبول ناهي ڪيو.  انهيءَ ڪري سرداري نظام جي بدلجندڙ سوچ کي تاريخ ۾ اهميت ۽ اتساهه جي نظر سان ڏٺو ٿو وڃي. پر جهالت واري سرداري نظام جي خاتمي لاءِ اڄ جي نوجوان ناظم جوکيو جهڙن هزارين ڪردارن سنڌ، بلوچستان ۽ سڄي ملڪ مان اٿندڙ آواز سڄي دنيا تي پنهنجا نقش ڇڏين ٿا.

چوندا آهن ته رات گذرڻ کانپوءِ ڏينهن جي روشني ظاهر ٿيندي آهي اهڙي روشني جيڪا سج جي تپش ۾ عروج جو احساس ڏياريندي آهي  انهيءَ سج جي ڪرڻن مان هڪ آواز اچي ٿو.

هر ڪا مند نه مڌ پيئڻ جي، ڪاڪا رُت آ رت ڏيڻ جي،

هر ڪنهن ڪک نه ڪائنر ڄمندا، ڪا ڪا ڪک سرواڻ ڄمڻ جي

هر ڪا سرخي رت جي ناهي، ڪا ڪا سرخي باک ڦٽڻ جي

هر ڪا ڇند ٿي ڌرتي ٺاري، ڪا ڪا ڇند ضمير ٺرڻ جي

هر ڪا راهه نه منزل ماڻي. ڪا ڪا راهه آ توڙ رسڻ جي

هر ڪا عيد ٿي خوشيون آڻي، ڪا ڪا عيد  آ لاش ملڻ جي.

ڏٺو وڃي ته انسان، ظلم جي انتها سان جڏهن به جنگ جوٽي ٿو ته پهرين مئي جا شهيد به پيدا ٿا ٿين، بالشويڪ انقلاب به اڀري ٿا اچن. پئرس ۾ ڪميون به اچي ٿو. سنڌي قوم هميشه ڌارين جي ڌوڪار سان به وڙهي ٿي. ته هي بي ساخته جرڳا سسٽم جي جابرانه ڏنڊ ڏوهه جي مليل پئسن مان پلجندڙ ڪيترو وقت غريب قوم جي پئسن سان گاڏين جا پئٽرول ڀرائي گهمندا. ڏسجي ته سنڌ مقدس ۽ صوفي سوچ، تهذيب ۽ ثقافت جي علمبردار رهي آهي. جتي نياڻين کي مقدس ستن قرآنن برابر سمجهيو ويندو آهي،  دشمن جي گهر ويندي ته خون به معاف ڪيا ويندا ۽ سندس تقدس جو مان رکندي مٿي تي اجرڪ اوڍي روانو ڪرڻ کان اڳ رنجشون ختم ڪيون وينديون.

پر اڄ هيءُ ڪهڙي سنڌي سماج جو سرداري نظام آهي جنهن رات جي اونداهي ۾ معصوم نياڻي ڦاپوءَ جي جسم جو لباس ڪنهن ڌارين جي خوشامد ۾ ليڙون ليڙون ڪري وحشي ظلم جي رانڀوٽن سان ڏنگي لاش مائٽن کي روانا ڪيا، ڪٿي آهي سنڌ جي اها غيرت،  جنهن ۾ نياڻيءَ کي امڙ،  ڀيڻ ۽ ڌيءَ جي رشتي سان سڏيو ويندو آهي. نياڻين کي ور ڏئي پنهنجي گهر ٺاهڻ لاءِ خاندان برادريون ڪٺيون ڪيون وينديون آهن پر هاڻ ڪنهن شيرين جوکيو کان ڳِجهه وانگر لامارو ڏئي رات جي اونداهي ۾ ور کسيو ٿو وڃي، شيخ اياز چيو آهي

اڄ لال لهوءَ جي سرگرم تي، ٿي ڌرتي منهنجي رقص ڪري

منهن هيڊ ٿيا غدارن جا بيشرم وڏيرن پيرن جا،

اهي ٻول اڄ هن مدي خارج نظام لاءِ وڏو چئلينج آهن ڇاڪاڻ ته هڪ غريباڻي اجهي ۾ رهندڙ ناظم جوکيو جي گهر واري سرداري نظام کي نياپو ٿي ڏئي ته مان ٿانو ڌوئيندس، ٻهاريون ڪنديس، گهر جا ٿانو سامان وڪڻنديس پر ظالم ۽ مڙس جي قاتل سردار کي نه ڇڏينديس، دراصل اهو آواز هڪ شيرين جو ناهي پر سنڌ ۾ ڪسجندڙ ڪيترن ئي نياڻين جي بي ڏوهي تذليل ڪري قتل ڪيل مائرن جو آواز آهي. بلڪل ماضيءَ جي ظلم خلاف آواز اٿاريندڙ تاريخ جو ورجاءُ آهي ۽ ان ورجاءُ کي جڏهن قلم ۽ آواز کي صحافت جي پل ملي ته سمجهڻ گهرجي ته مظلوم قومون اڪيليون ۽ ننڌڻڪيون ناهن هونديون. جبري نظام ٽٽندا رهيا آهن پر قومن جي طاقت سمنڊ جيان اٿل کائيندي به ڪناري جي سلامي ضروري وٺندي آهي.

گوليون برسن بوندن جيان، قوم ڪٺي ٿئي پاڻيءَ وانگر

هي سارو ملڪ سمنڊ آ، هت ڇوليون ڪُن سهڻا آهن

سرداري نظام خلاف اٿندڙ تپش ۽ بيڏوهي لاشن خلاف گونجار ٻڌجڻ ۾ اچي ٿي ته

لهوءَ جي اها لاٽ هر دور ۾

مخالف هوا ۾ به ٻرندي رهي

ڌري پير پڙ ۾ نه پٺتي هٽيا

پرين کان اها پر ٻرندي اچي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.