فهميده سيال ڪيس ۾ ايم پي اي جو والد گرفتار نه ٿيو

قمبر(ڊ ر)قمبر جي ڳوٺ خير پور جوسو ۾ 13 ڏينهن اڳ پلاٽ جي مالڪي جي معاملي تان اسراڻ برادري جي ھٿيار بندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل عورت فھميده سيال جي قتل واري ڪيس ۾ گرفتار چئن جوابدارن تصور اسراڻ. عزيز عرف ميجر اسراڻ. طالب حسين لاڙ ۽ سيف الله شاھاڻي کي پکو پوليس  ٽيون ڀيرو قمبر جي سول جج ائنڊ جڊيشل مئجسٽريٽ 1 اياز علي اعواڻ جي عدالت ۾ پيش ڪندي جوابدارن جي 6 ڏينهن جي جڊيشل ڪسٽڊي رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي جنهن تي عدالت 6 ڏينهن جو جي سي رمانڊ منظور ڪندي ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ 22 نومبر مقرر ڪندي کين پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جڏھن ته فھميده سيال جي قتل ڪيس جو مک جوابدار ايم پي اي گھنور خان اسراڻ جي پيءُ شھيد اسراڻ ۽ نديم اسراڻ کي ھن وقت تائين پوليس گرفتار ڪري نه سگهي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.