ڪراچي ۾پاڪستان ۽ ھندستان جي قيدي مهاڻن جي آزادي لاءِ احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران پاڪستان ۽ ھندستان جي مهاڻن جي آزادي لاءِ گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ پاڪستان فشرفوڪ فورم جي مرڪزي اڳوڻ ياسمين شاهه، سجاول ضلعي جي صدر نوراحمد ٿيمو، پاڪستان فشر فوڪ فور يوٿ آرگنائزيشن جي چيئرمين مهراڻ علي شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فشرفوڪ فورم جي مرڪزي اڳوڻ ياسمين شاهه چيو ته سمنڊ ۾ مڇيءَ جي شڪار دوران پوري دنيا ۾  مهاڻا سامونڊي حدن جي خلاف ورزي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ٿي رهيا آهن،جڏهن ته دنيا ۾ ڪٿي به سامونڊي سرحدن جا نشان موجود نه آهن، ڇو ته اوهان پاڻيءَ ۾ نه لڪيرون ڪڍي سگهو ٿا، نه ئي ديوارون کڙيون ڪري سگهو ٿا. هنن چيو ته  مهاڻا مڇيءَ جي شڪار دوران واضح سامونڊي حدن جي نشاندهي نه هجڻ سبب بارڊر ڪراس ڪن ٿا، ته انهن کي سالن جا سال قيد ۾ رکيو وڃي ٿو ۽  مهاڻا ان وقت تائين آزاد نٿا ٿي سگهن، جيستائين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مهاڻي قيدين جي تبادلي جو ٺاهه نٿو ٿئي. هنن چيو ته اهڙي ان صورتحال ۾ مهاڻن کي تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.