ڪوٽ غلام محمد ۾ چورن هٿان چوڪيدار قتل

ڪوٽ غلام محمد ( رپورٽ: الھداد خاصخيلي ) ڪوٽ غلام محمد ڀرسان ستار ھوٽل اسٽاپ تي 4 نامعلوم چورن اشوڪ ڪمار جي ريزڪي دوڪان جو تالو ٽوڙي سامان چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي چوڪيدار محمد مرسلين رند مزاحمت ڪئي جوابدارن چوڪيدار کي ڪھاڙي جو ڌڪ مٿي ۾ ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي وارث تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد کڻائي آيا، جتي زخمي 45 ورھين جي محمد مرسلين رند زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو آھي، جڏھن ته تعلقي اسپتال ۾ عبدالحميد رند صحافين کي ٻڌايو ته ڀاء مرسلين سخت زخمي حالت ۾ گھرن آڏو مسجد وٽ پھچي ھيٺ ڪري پيو، جنهن جو آواز ٻڌي اسان بر وقت گھر کان ٻاھر اچي ھن کي اسپتال کڻي آيا، جتي ھن دم ڏئي ڇڏيو آھي، اسان جي ڀاء کي بي گناهه قتل ڪيو ويو آھي، ڀاء زخمي حالت ۾ اسان کي ٻڌايو ھو ته 4 نامعلوم چور ھئا، جن مونکي ڪھاڙي ۽ لٺين جا ڌڪ ھڻي اشوڪ جي دوڪان مان چوري ڪري فرار ٿي ويا آھن، ھوڏانھن پوليس سر زمين تي پھچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.