ڪورنگي ۾ آئل ريفائنري ۾ ڌماڪو، 4 پورهيت سڙي زخمي

ڪورنگي (رپورٽ: اميرجان چانڊيو ) ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ آئل ريفائنری جي پائيپ لائين ۾ ٿيل ليڪيج ڳولڻ لاءِ کوٽائي دوران اوچتو باهه ڀڙڪي پئي جنهن جي نتيجي ۾ شاول جي ڊرائيور سميت چار ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا،جن جي سڃاڻپ شفيع الله ولد علم خان، محمد طفيل ولد محمد رمضان، نظر خان ولد عمر گل، عزيز الله ولد امان الله جي نالن طور ٿي آهي. جڏهن اوچتو ڀڙڪيل باھه ۾  هڪ گهر ۽ هڪ هاءِ روف سميت مسجد کي به لپيٽ هيٺ آڻي ڇڏيو  ڊرائيور جو جسم 45 سيڪڙو متاثر ٿيڻ سبب سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي . باهه لڳڻ وقت ماڻهو گهر خالي ڪري ٻاهر نڪتا. ان سلسلي ۾  ڪورنگي انڊسٽريل ايريا پوليس جو چوڻ آهي ته تيل ڪمپني انتظاميا باهه لڳڻ واري واقعي جو کين  ڪو اطلاع نه ڏنو هو،باهه لڳڻ واري هنڌ واري گهٽيءَ مان تيل ڪمپنيءَ جون 4 لائينون گذري رهيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.