غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ پورهيت

سنڌ جو عام ماڻهو غربت جي زندگي گهاري رهيو آهي، هر دور جي حڪومت وڏيونن ڳالهيون ته ڪري ٿي پر غربت گهٽائڻ جي لاءِ ڪا اهڙي رٿا نٿي جوڙي جنهن سان عملي طور تي عام ماڻهون کي ڪو فائدو پهچي سگهي.

پورهيت اهو ڪردار آهي جنهن جي محنت سان ئي سمورا ادارا، حڪومتون ۽ ملڪي وهنوار هلي ٿو.ويجهڙائي ۾ صرف ذولفقار ڀٽي جو حڪومتي دور اهڙو هو جنهن ۾ پورهيتن جي تحفظ جي لاءِ ڪجهه قانون جڙيا هئا، جن تي به اڳتي هلي عمل نه ٿيو.جنهنڪري اسان جي سماج جو هي اهم حصو وڌيڪ غربت ۾ وٺجي ويوآهي.

تازو سنڌ جي حڪومت سنڌ ۾ هڪ عام پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار پنجويهه هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، اها پگهار پڻ موجوده ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي وار ي حساب سان بنهه گهٽ آهي، ڇاڪاڻ جو صرف پرڏيهي قرض تي هلندڙهن ملڪ ۾ ڪڏهن به معيشت پائيدار نه رهي آهي، ان جو بنيادي سبب وري سياسي بي يقيني وارو معاملو آهي، اسٽيبلشمينٽ ۾ ويٺل وس وارن وٽ ته ڪڏهن اها ڳالهه ايجنڊا جو حصو ئي نه ٿي آهي ته پورهيتن جا به ڪي مسئلا آهن، ۽ انهن کي حل ڪري ئي ملڪ ۾ پيدوار کي وڌائي سگهجي ٿو، ان سان ئي ملڪي معيشت کي پاڻڀرو ڪري سگهجي ٿو.

سنڌ ۾ گذريل ڳچ عرصي کان پيپلز پارٽي جي سرڪار آهي، جنهن جي بانيءَ ئي پورهيتن جي حقن جي لاءِ ڪي قانون جوڙيا هئا، انهن کي نوڪري جو تحفظ ڏنو هو، انهن جي انشورنس جي لاءِ پڻ ادارا  ٺاهيا هئا. پورهيتن جي مسئلن کي اهميت ڏيندي انهن کي حل ڪرڻ جي عملي ڪوشش ڪئي هئي. ان جي ڀيٽ سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ موجوده سرڪار انهن کي سهڻي نموني حل ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش نٿي وٺي.

ڏئي وٺي هاڻوڪي بجيٽ ۾ پورهيتن جي  ماهوار پگهار گهٽ ۾ گهٽ پنجويهه هزار رپيا ڪرڻ  جو اعلان ڪيو ويو هو،جهن تي عمل ڪرائڻ جي به ڳالهه اهڙي زورائتي نموني ڪئي وئي هئي جو سڀني کي ان تي عمل ٿيڻ جو يقين اچي ويو هو. ان بعد هاڻي وري پورهئي کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار رپيا  پگهار تي عمل نه ٿيڻ جو اعتراف  ڪيو آهي. هو سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو. صوبائي وزير چيو ته سندن حڪومت پورهيتن جي رجسٽريشن لاءِ نئين اسڪيم آڻي رهي آهي.جنهن تحت پورهيت پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائيندا، ان لاءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ مهم به هلائي ويندي.

سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌ صوبو واحد صوبو آهي جيڪو اها اسڪيم آڻي پيو. بينظير ڪارڊ آڻيون پيا ، پهرئين مرحلي ۾ انڊسٽريز سان لاڳاپيل پورهيتن کي رجسٽرڊ ڪري ڪارڊ ڏنا ويندا، اهو عمل مسلسل جاري رهندو. هن چيو ته سيسي وٽ 6 لک 44 هزار کان وڌيڪ پورهيت رجسٽرڊ ٿيل آهن،هن چيو ته پورهيتن کي هن وقت سرڪار پاران مقرر ٿيل 25 هزار رپيا پگهار نه پئي ملي، ان لاءِ پهرين مرحلي ۾ سرڪار ادارن ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن ۾ 25 هزار پگهار يقيني بڻائينداسين، ان بعد ٻين ادارن ۾ به ان کي يقيني بڻايو ويندو، جيڪڏهن ڪنهن پورهيت کي 25 هزار پگهار نه ٿي ملي ته شڪايت ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي.

اسان جي صوبائي وزير کي صرف اها گذارش آهي ته جڏهن اوهان قبول ڪريو ٿا ته 25 هزار پگهار تي عمل نه پيو ٿئي ته ضرور اوهان وٽ اهڙو اطلاع هوندو، پوءِ ڀلا ، اوهان انهن ادارن خلاف ئي ڪارروائي ڪريو جن بابت اوهان کي خبر آهي. اوهان جڏهن چئو ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار پگهار تي عمل نه پيو ٿئي ۽ اسان پهرين ان تي سرڪاري ادارن ۾ عمل ڪنداسين ، ان مان ته اهو ظاهر ٿو ٿئي ته سرڪاري ادارن ۾ به ان تي عمل نه پيو ٿئي. ان صورت ۾ ته اوهان کي پهرين فرصت ۾  اهڙن سرڪاري ادارن جي نشاندهي ڪري ان تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن، جيئن ٻين ادارن کي ان مان سبق ملي سگهي.

صوبائي وزير آڏو اها به ڳالهه پيش  ڪرڻ چاهينداسين ته جيئن ته اسان اهڙي سماج جو حصو اهيون جتي قانون تي عمل گهٽ ئي ٿئي ٿو  ان جا هڪ کان وڌيڪ مثال ڏئي سگهجن ٿا. سو اوهان جو اهو چوڻ ته جن پورهيتن کي 25 هزار پگهار نٿي ملي اهي شڪايت ڪن ته ان تي ڪارروائي ڪئي ويندي، اهي ڳالهيون سياسي طور تي ته بهتر آهن پر عملي طور تي ناممڪن جي حد تائين ڏکيون آهن،ڇا ڀلا ليبر کاتي جا عملدار جن جو ڪم ئي ليبر جي مسئلن کي حل ڪرڻ آهي، ليبر جي قانون تي عمل ڪرائڻ آهي، اهي ان ڏس ۾ ڪو ڳڻپ  جهڙو ڪم ڪن ٿا، جنهنجو ڪو اهڙو مثال ڏئي سگهجي.

جيڪو پورهيت   25 هزار پگهار نه هئڻ جي شڪايت  ڪندو ان جي نوڪري جي ضمانت ڪير ڏيندو. اوهان کي ان لاءِ پڻ ڪا تجويز ڏيڻ گهرجي،.

سنڌ ۾  پورهيتن جي مٿان هر وقت تلوار ٽنگيل رهي ٿي. هڪڙي عرصي کان وٺي ڪانٽريڪٽر سسٽم پورهيتن جي سگهه کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هر انڊسٽريل يونٽ ۾ مالڪن جي منطور نظر يونين جوڙيل آهي جيڪا پورهيتن جي حقن جي تحفظ جي بجاءِ مالڪن جي حقن جو بچاءُ ڪري ٿي. ڪنهن به سرڪار انهن جي لاءِ ڪو جامع توڙ نه ڳوليو آهي.جنهن سان مالڪن جي اهڙين سازشن کي وائکو ڪرڻ سان گڏوگڏپورهيتن جو پاسو کڻجي ، ۽ اهڙيون پاليسيون اهڙا قانون تيار ڪجن جو پورهيت انهن ڄارن ۾ ڦاسڻ جي بجاءِ پنهنجا حق محفوظ ڪري سگهن.

اسان هنن سٽن ۾ سنڌ جي پورهئي واري وزير کي التجا ڪريون ٿا ته پورهيتن جي پگهار جيڪا 25 هزار به صفا گهٽ آهي پر ان کي به يقيني بڻائڻ جي لاءَ خاص ڌيان ڏئي ان تي عمل ڪرايو وڃي.جيئن غربت جي گهاڻي ۾ پيرجندڙ پورهيت جي ڪا ڀلائي ٿي سگهي.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.