ننگرپارڪر ۾ ٺهندڙ 20 ڊيمن لاءِ غلط هنڌن جي چونڊ، ڪارونجهر جي ڪٽائي ، لنگهه بند

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ننگرپارڪر جي شهر سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ اربين رپين جي لاڳت سان ٺهندڙ 20 ننڍن وڏن ڊيمن جي لوڪيشن غلط سليڪٽ ڪرڻ سبب ٺهندڙ ڊيم بي مقصد ثابت ٿي رهيا آهن،ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان ٺهندڙ ڊيمن واري هنڌن تي رهواسين جي سخت اعتراضن کي انتظاميا سميت ٺيڪيدارن ٿڏي ڇڏيو آهي،مقامي ڳوٺاڻن جي سروي زمينن توڙي لنگهھ ۽ رستن تي قبضا ڪري ڊيم ٺاهيا پيا وڃن،اعتراض ۽ دانهن ڪندڙ اٻوجهھ ڳوٺاڻن کي ٺيڪيدار ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي خاموش ڪرائڻ ۾ رُڌل آهن،ڳوٺاڻن جي ڪيل شڪايتن کي منرل ۽ مائينز کاتي سميت ڊي سي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، مختلف ڳوٺن کارڙيو،لاڪڙ کڏيو،سوتلائي،ڏونگري،ويڪاسر جي رهواسين حاجي ڪنڀر،سابق ضلع ڪائونسل ميمبر ڪومون ڪولهي،ڪامريڊ لالو ڪولهي،سورتو ڪولهي ۽ ٻين دانهيندي ٻُڌايو ته اسان جي ڳوٺن ڀرسان ٺهندڙ ڊيم غلط لوڪيشن تي ٺاهيا پيا وڃن،اسان جي سروي زمينن تي قبضا ڪري لنگهھ ۽ رستا بند ڪيا ويا آهن،ڊيمن جي ڪمن ۾ مقامي ريتي،بجري ۽ ڪرش جي استعمال تي عدالتي ۽ حڪومتي پابندين جي باوجود ٺيڪيدار ساڳيو مٽيريل استعمال ڪري ڪرپشن ڪرڻ ۾ رڌل آهن،اُتان جا مقامي وڏيرا ٺيڪيدارن سان ملي ڀڳت عيوض اسان تي ظلم ۽ زمينن تي قبضا ڪرائي رهيا آهن،ورلڊ بئنڪ پاران معاهدو ڪيل آهي ته جتي ڊيم ٺاهيو ٿا اُتي مقامي آبادي جي اعتراض کي نظر ۾ رکي ڪم ڪيو وڃي، ٺيڪيدار خاموش رهڻ تي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا،اربين روپين جي هن منصوبي ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي.

  • ڊيمن جي پراجيڪٽ ۾ ڪميشن وٺڻ جا افواهه

مٺي:ڊيمن جا سمورا ٺيڪا من پسند ۽ غيرمقامي ٺيڪيدارن حوالي ٿيڻ ڪري اربين روپين جي پروجيڪٽ ۾ ڪرپشن ڪئي پئي وڃي،اربين روپين واري ڊيم منصوبي جا سمورا ٺيڪا ٻاهر جي بااثر ٺيڪيدارن کي ڪميشن عيوض ڏيڻ سبب ڪمن تي ڪم ڪندڙ پورهيت به مقامي گهٽ آهن،

 

  • پٿر جي استعمال تي پابندي وارو عدالتي حڪم نظرانداز

مٺي:سنڌ حڪومت پاران ڊيمن جي ڪمن ۾ ننگرپارڪر جو پٿر،ڪرش،بجري ۽ ريتي جي استعمال تي پابندي جي باوجود ٺيڪيدار حڪمن تي عمل ناهي ڪيو،سنڌ حڪومت پاران ننگرپارڪر جو مٽيريل استعمال ڪرڻ تي پابندي هڻي ڊيمن جي بجيٽ به ڊبل ڪئي پر اُنهي جي باوجود ٺيڪيدرن حُڪم ٿڏي ڇڏيا آهن،

  • عدالت ڪارونجهر پٿر جي استعمال جو نوٽيس وٺي: اڳواڻ

مٺي:ڪارونجهر فورم جي مقامي اڳواڻن ذوالفقار کوسو ۽ ٻين به ڊيمن خلاف سخت موقف اختيار ڪندي احتجاج سميت عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو،ڪارونجهر فورم جي اڳواڻن ذوالفقار کوسو چيو آهي ته ننگرپارڪر ۾ ٺهندڙ اربين روپين واري منصوبي ۾ سرعام ناقص مٽيريل سميت پابندي پيل ننگر جي ريتي،ڪرش،بجري ۽ ڪارونجهر جو پٿر استعمال ڪيو پيو وڃي،معاملو جو عدالت نوٽيس وٺي،اسان جلد عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ وڃون پيا،

  • پي ٽي آءِ پاران پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان

مٺي:پي ٽي آءِ ڊيمن جي ناقص ڪمن خلاف جمعي تي ننگرپارڪر ۾ ڌرڻي سميت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ ٿرپارڪر جي اڳواڻ ڪرشن شرما،ارشاد ڪنڀر،ڊاڪٽر شنڪرلال وانڪواڻي،پرتاب راءِ پاران مقامي ڳوٺاڻن سان گڏ پريس ڪلب اسلام ڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ويئي، ڪرشن شرما ۽ ارشاد ڪنڀر چيو ته سنڌ حڪومت ننگرپارڪر ۾ ڊيمن جي نالي تي اربين روپيا وٺي اُتي ڊيمن جو قبرستان ٺاهي رهي آهي،اڳ ۾ 11 ارب روپين جي لاڳت سان آر او پلانٽ لڳايا ويا جيڪي هن وقت مشينري جي قبرستان ۾ تبديل ٿيل آهن،هاڻي ننگرپارڪر ۾ اربين روپين جي لاڳت سان 20 ڊيم غلط لوڪيشن ۽ مقامي ماڻهن جي سروري زمين تي ۽ اُنهن جي مُهاڳن سميت لنگھ رستن تي ٺاهيا پيا وڃن،سنڌ هاءِ ڪورٽ جي پابندي جي باوجود ڊيمن جي ڪمن ۾ اُتان جي ريتي،بجري،ڪرش ۽ ڪارونجهر جي پٿر جو استعمال ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.