سنڌ اسيمبلي ۾ رهائشي عمارتن کي تحفظ جو ٺهراءُ اڪثريت سان پاس، مخالف ڌر جو احتجاج

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي ۾  رهائشي عمارتون ڊاهڻ خلاف ٺهراءُ اڪثريت راءِ  منظور ٿي ويو، ناظم جوکئي جي قتل تي ٺهراءُ جي اجازت نه ملڻ تي مخالف ڌر جو احتجاج، ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ صبح جو ساڍي 10 وڳي شروع ٿيو، اجلاس شروع ٿيندي ئي مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ اٿي بيٺو ۽ ناظم جوکيو قتل جي معاملي تي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، ان تي پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا مخالفت ڪندي چيو ته ڪنهن جي ڊڪٽيشن نه هلندي. ائين ڊپٽي اسپيڪر سوال جوابن جي رولنگ ڏني، ان دوران مخالف ڌر جي ميمبرن بينر کڻي احتجاج ڪيو، مخالف ڌر اڳواڻ ۽ ميمبر اسپيڪر جي روسٽروم پهچي بينر کڻي ناظم جوکيو کي انصاف ڏيو، قاتل قاتل ايم پي اي قاتل، قاتل گرفتار ڪيو جا نعرا هڻندا رهيا، جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. ان کانپوءِ پينل آف چيئرمين شرجيل ميمڻ جي اجازت سان پ پ جي ندا کهڙو حددخلين بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته شهرين پنهنجي ڪل ڪمائي رهائشي منصوبن تي لڳائي، سنڌ سرڪار اڏاوتي منصوبن جي تحفظ لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري، ندا کهڙو ٺهراءَ تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار نسلا ٽاور متاثر سان گڏ آهي، جن اجازت ڏني انهن آفيسرن ۽ بلڊرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، عوام ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي. هن چيو ته عدليه انساني بنيادن تي فيصلي تي نظرثاني ڪري ۽ سنڌ سرڪار به متاثرن جو ساٿ ڏئي. جي ڊي اي جي شهريار مهر ٺهراءَ آئين ۽ رولز جي خلاف آهي، ان کي رد ڪيون ٿا، سرڪاري ڌر اسيمبلي کي استعمال ڪندي ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ چاهي ٿي، ذميوار آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪري انهن کي جيل موڪليو وڃي، صوبي ۾ تباهي ڪئي پئي وڃي. ان دوران صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته جيڪي دانهون ڪن پيا اهي پاڻ چائنه ڪٽنگ ۾ ملوث آهن.پ پ جي  ذوالفقار شاهه چيو ته سنڌ سرڪار نسلا ٽاور متاثرن لاءِ ڪجھ ڪري، عوام سرمايو لڳايو آهي، منهنجي تڪ گرهوڙي شريف سنڌڙي، هنگورنو سميت ٻين علائقن ۾ حددخلين جي نالي تي ڪارروائي ڪري گهر ڊاهي، ڪاروبار به تباهه ڪيو ويو آهي.  ايم ڪيو ايم  جي  محمد حسين چيو ته ٺهراءُ ۾ نسلا ٽاور جو ذڪر ئي نه آهي، نيسلا ٽاور لاءِ سرڪاري آفيسرن غلط ليز ڏني، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٺهراءُ عدالتي حڪمن خلاف آهي .پي ٽي آءِ جي ارسلان تاج  چيو ته نسلا ٽاور رات ۾ تيار نه ٿيو، نسلا ٽاور جي معاملي کي سڄي سنڌ جي حددخلين سان ڳنڊيو ويو آهي.  صوبائي وزير سعيد غني چيو ته مخالف ڌر مطالبو ڪري پئي ته نسلا ٽاور کي نه ڪيرايو، عدالت جي حڪم تي عمل نه ڪيو، مخالف ڌر وائڙي ٿي وئي آهي.هن چيو ته عدليه جو فيصلو مڃڻو آهي ڀلي وڻي يا نه وڻي. هن چيو ته ڪراچي ۾ رڳو نسلا ٽاور جو مسئلو نه آهي، ڪراچي ۾ هزارين اهڙا علائقا آهن، هن چيو ته بني گالا ريگيولر جو مثال موجود آهي، بحريا ٽائون جو مثال موجود آهي ته ڏنڊ ڀري ريگيولر ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ڪو انساني الميو ٿئي ته عوامي نمائندي کي آواز اٿارڻ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي.جماعت اسلامي جي عبدالرشيد چيو ته حڪومت ٺهراءُ واپس وٺي ٽاسڪ فورس جوڙي متاثرن سان انصاف ڪيو وڃي، پ پ جي شرميلا فاروقي نسلا ٽاور جي پوري تاريخ ٻڌائيندي چيو ته نسلا ٽاور واري 780 اسڪوائر يارڊ پلاٽ جي پهرين اجازت ڪراچي جي چيف ڪمشنر ڏني ان بعد نعمت الله خان جي اجازت سان پلاٽ ڪمرشل ٿي ويو، رهيل ڪم وري يوسي ناظم سيف الدين ۽ پوءِ سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال ڪيو، جنهن ميگا پراجيڪٽ جي اجازت ڏني، سمورا چور ۽ لٽيرا وزيراعظم سان گڏ ويٺل آهن. ان بعد ڊپٽي اسپيڪر ٺهراءُ ايوان ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو جيڪو اڪثريت راءِ سان پاس ٿي ويو، ان دوران مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻيا ميمبر ٻيهر احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو گڏ ٿي ويا ۽ ايجنڊا جا پيپر ڦاڙي احتجاج ۽ نعريبازي ڪندا رهيا، ان دوران ڊپٽي اسپيڪر اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.