حڪومتي اتحادين جي گردن تي بوٽ رکي پارليامينٽ اجلاس لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي :فضل الرحمان

ڪوئيٽا (م ڊ) پي ڊي ايم سربراھ فضل الرحمان چيو آھي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. حڪومت هلي نه پئي، پر اُن کي هلايو وڃي ٿو، اسان حڪومت هلائيندڙن کي سڃاڻون ٿا، چوڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي پر حالتون خراب ڪرڻ نٿا گهرون. ڪوئٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته سياست ۾ ناجائز مداخلت ٿئي ته شڪايت ڪرڻ حق آهي، اسان ادارن کي غيرجانبدار ۽ غير تڪراري ڏسڻ گهرون ٿا، ننڍين پارٽيز تي پارليامينٽ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، حڪومت جي آئيني ۽ قانوني طريقي سان رستا روڪ ڪنداسين.مخالف ڌر ميمبرن کي به فون ڪالون آيون آهن، هٿ مروڙي قانون بڻايو ويو ته اهميت نه رهندي.  نااهل حڪمران پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ غيرقانوني طريقيا اختيار ڪري رهيا آهن . ھن چيو ته راڻا شميم جي حلف نامي واري معاملي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، چوٿين جج طرفان حلفي بيان ڏنو ويو آهي، جاچ ڪرڻ گهرجي ته ائين ڇو ٿي رهيو آهي، ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس دوران پي ڊي ايم سربراهه چيو ته پنجاب حڪومت ڪيرائڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ته متبادل ڇا هوندو، متبادل اُن کان به وڌيڪ خراب هجي ته ڇا ڪنداسين. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.