آرڊيننس نامنظور ڪرڻ جو ٺهراءُ سينيٽ ۾ پيش ڪنداسين: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد(م ڊ)پ پ سينيٽر يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسان حڪومت جا آرڊيننس نامنظور ڪرڻ جي قرارداد سينيٽ ۾ جمع ڪرائي رهيا آهيون،  پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته مهانگائي جو مسئلو موجود آهي پر غربت جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، سينيٽر فيصل جاويد چيو ته مخالف ڌر سدائين عوامي مفاد جي قانونسازي ۾ بليڪ ميل ۽ بارگين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته اتحادي پارٽين جو موقف مختلف ٿي سگهي ٿو، قانونسازي جا دروازا بند نه ٿيڻ ڏينداسين، حڪومت پنهنجا 5 سالا پورا ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.