آڻيندڙ ئي غلطي جو اعتراف ٿا ڪن، راڻا شميم جهڙا معاملا اسان ڏٺا آهن

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عمران خان کي آڻيندڙ پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪري رهيا آهن ۽ ان جي حڪومت 5 سال پورا نه ڪري سگهندي. احتساب عدالت ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آصف زرداري، راڻا شميم بابت سوال تي چيو ته اسان اڳ ئي اهو رستو ڏسي چڪا آهيون، جسٽس قيوم سان گڏ سيف الرحمان ۽ ڪجهه دوستن جي ٽيپ هئي. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت مدو پورو نه ڪندي، ان کي آڻيندڙ اعتراف ڪري رهيا آهن ته اسان کان غلطي ٿي وئي، هاڻ اهي غلطي جو ڪيئن ازالو ڪندو الله بهتر ڄاڻي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مريم نواز منهنجي ڌيئرن جيان آهي، ان جي درخواست بابت نه ڳالهائيندس. هوڏانهن احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي آمريڪا ۾ پراپرٽي ڪيس ۾ گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت جي درخواست منظور ڪندي نيب کي طلبي جواب جو نوٽيس جاري ڪندي ٻُڌڻي 23 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.