ڪراچي ۾ ماني جي قيمت ۾ 2 کان 10 رپيا واڌ

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ تندور مالڪن اٽي جا اگهه وڌڻ سبب روٽي، شيرمال، نان ۽ تفتان جي اگهن ۾ 2 کان 10 رپيا واڌ ڪري ڇڏي. فيڊرل بي ايريا گلبرگ چورنگي جي ويجهو دڪاندارن واضح پيغام ڏيندي چيو ته مهرباني ڪري بحث نه ڪريو. دڪان مالڪ جو چوڻ هو ته چپاتيءَ جي قيمت ۾ 2 رپيا اضافو ٿيو آهي. هن اهو به چيو ته ماني جي قيمت ۾ واڌ نه ڪئي وئي آهي ۽ ان جي قيمت ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي. خريدار ريحان اسلام ٻڌايو ته هن جمعي تي گلستان جوهر جي هڪ دڪان تان ماني 18 رپيا في ماني خريد ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.