قائداعظم ۽ فاطمه جناح جي ملڪيت جي جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ذوالفقار احمد خان جي سنگل بئنچ  قصر فاطمه المعروف مهتا پليس کي ميڊيڪل ڪاليج ۾ تبديل ڪرڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران سرڪاري وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت اوهان جي حڪم خلاف اپيل دائري ڪري ڇڏي آهي، ايڊووڪيٽ خواجا شمس چيو ته ٻه رڪني بئنچ سنگل بئنچ جو حڪم معطل نه ڪيو آهي، آفيشل اسائٽي شين جي فهرست تيار ڪري ڇڏي آهي، محترمه فاطمه جناح جي بيڊروم کي ڪٻاڙ خانو رکيو ويو آهي، عدالت ۾ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته ڪيس ملتوي ڪيو وڃي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ موجود نه آهي، عدالت قائداعظم محمد علي جناح ۽ فاطمه جناح جي ملڪيت جي جاچ ڪرڻ جي لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ڪميشن جسٽس رٽائرڊ فهيم صديقي جي سربراهي ۾ ٺاهڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت چيو ڪميشن ڪنهن به اداري کان معلومات وٺي سگهي ٿي، ڪميشن پنهنجي معاونت جي لاءِ ڪنهن به سرڪاري آفيسر جيڪو موجوده يا اڳوڻو هجي، کان مدد وٺي سگهي ٿي، ڪميشن سموري ملڪيت جي جاچ ڪندي،  عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.