اڄ پاس ٿيندڙ قانون به عمران خان کي بچائي نه سگهندا: تجزئي نگار

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اڄ گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ حڪومت جا اتحادي چونڊ سڌارن، نيب ۽ ٻين قانونن پاس ڪرائڻ ۾ حڪومت جي حمايت ڪندا ڇو ته اسٽيبلشمينٽ  سرڪار جي حمايت ڪرڻ لاءِ کين اشارو/ڏئي ڇڏيو آهي، پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته حڪومت جي تڏا ويڙهه جو فيصلو ملتوي ٿي ويو آهي، پر ڪجهه پتا عمران خان وٽ به آهن، جنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ کي خدشو آهي ته ڪٿي ڪا وڏي گڙٻڙ نه ٿي وڃي ٻيو ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان کي گهر موڪلڻ جو فيصلو ته ڪري ورتو آهي، پر ان کان پوءِ  حڪمراني ڪنهن کي ڪرڻي آهي، اهو اڃان طئه نه ٿيو آهي، اسٽيبلشمينٽ ۽ مخالف ڌر ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن،  هوڏانهن راڻا شميم جي بيانن جهڙيون خبرون اچڻ شروع ٿي ويون آهن. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هوا جو رخ تبديل ٿي ويو آهي، اهو عمران خان به محسوس ڪيو آهي ان لاءِ هو جلدي جلدي اهڙا قانون منظور ڪرائڻ چاهي ٿو جن سان سندس هٿ  مضبوط ٿين پر اها  عمران خان جي ڀل آهي. اهي ئي قانون  ايندڙ حڪومت اچي  ختم ڪري ڇڏيندي. نامياري تجزئي نگار نجم سيٺي پنهنجي تجزئي  ۾ چيو آهي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ڏار پئجي چڪو اهي. ان ڪري هاڻي عمران خان کي ڪير به بچائي نٿو سگهي. اڄ جيڪي قانون پاس ڪرايا ويندا اهي به عمران خان کي بچائي نه سگهندا، جنوري تائين شايد اسٽيبلشمينٽ تبديلي واري معاملي کي اينگهائڻ چاهي ٿي، اڃان 20 نومبر به اڳيان آهي، جڏهن هوا جو رخ تبديل ٿيندو آهي تڏهن عدالتون به دٻاءُ ۾ ڏنل فيصلا تبديل ڪنديون آهن. سو اهو ڪم به ٿي رهيو آهي اتحادي به عمران خان کي اکيون ڏيکاري رهيا آهن، مخالف ڌر به سرگرم آهي، شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سراج الحق ۾ به مشورا ٿيا آهن، بس اهو طئي  ٿيڻو آهي ته ايندڙ حڪمران ڪير هجي باقي عمران خان کي گهر ڀيڙو  ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.