سردارن کي ووٽ جي طاقت سان رد ڪيو وڃي: ذالفقار مرزا

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) جي ڊي اي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا شهيد ناظم جوکيو جي وارثن وٽ پهچي سندس ڀاءُ ۽ ٻين وارثن سان عذر خواهي ڪئي، ان موقعي تي صحافي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته ناظم جوکيو واقعي جهڙا ظلم پيپلز پارٽي جو ٽولو ڪندو رهندو آهي، اهڙا ظلم ڪري هو سنڌي ماڻهن کي هيسائي رهيا آهن ته جيئن اهي سندن آڏو خاموش رهن، سنڌي عوام جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ تڏهن تبديل ٿيندو جڏهن هو پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪندا، جيستائين ووٽ پيرن، ميرن، سردارن کي ڏيندا رهندا ان وقت تائين سنڌ ۾ تبديلي اچڻ ممڪن نه آهي، اهي نه سنڌ سان سچا آهن نه سنڌي ماڻهن سان سچا آهن هن چيو ته منهنجو مسلم ليگ ن ۾ وڃڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي.، ان موقعي تي سپريم ڪورٽ جي وڪيل ميمبر سنڌ بار ڪائونسل محمد اشرف سمون، ايڊووڪيٽ فيض حسين سمون، نعمت الله سولنگي، اطهر ابڙو، سيف الله سمائر وقار ڄامڙو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.