نااهل حڪومت کي رهيل مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي: جميل الزمان

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ ) پيپلز پارٽي جي ميمبر قومي اسيمبلي ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته سليڪٽيڊ ۽ نااهل حڪمرانن جي ڪري ملڪ ۾ بک بيرزگاري ۽ غربت واري صورتحال انتها تي پهچي چڪي آهي اهڙو اظهار هن شير سنڌ مير شيرمحمد ٽالپر جي ڳوٺ ٽالپر هائوس ميرپورخاص ۾ ميرغلام علي ٽالپر ۽ ڊاڪٽر مير محمد علي ٽالپر سان سندن امڙ جي وفات تي تعزيت بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ عوام وفاقي حڪومت مان ايترو ته تنگ ٿي چڪي آهي جو انهن جي تباهي لاءِ دُعائون گھري رهيا آهن ملڪ کي معاشي بدحالي کان بچائڻ ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ وچين مدي واريون چونڊون وقت جي ضرورت بڻجي چڪيون آهن پر منهنجي ذاتي راءِ آهي ته نااهل حڪومت کي رهيل ڏيڍ سال جو وقت پورو ڪرڻ ڏنو وڃي ته جيئن خبر پوي ته هو ايندڙ اليڪشن ۾ عوام وٽ ڪهڙو منهن کڻي ويندا ان موقعي تي حاجي علي مراد راڄڙ، سيد ممتاز علي شاه، عبدالحفيظ خاصخيلي ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.