ناظم ، فهميده سيال قتل ۾ پ پ جا پنهنجا ملوث آهن: حليم عادل

ڪراچي : سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي سمورين پارٽين حڪومت پاران سنڌ جي سرڪاري زمينن ۽ ملڪيتن جي تحفظ  ڏيڻ ۽ غير قانوني اڏاوتن کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ پيش ڪيل ٺهراءُ کي رد ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمينن تي پيپلزپارٽي جي ماڻهن قبضا ڪيا آهن سرڪاري زمينن تي قبضا ٿيڻ نه ڏينداسين زمينن جي مالڪي ڪئي ويندي. ڪنهن کي به اهي. زمينون هضم ٿيڻ نه ڏينداسين.اهڙو اظهار مالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي ميمبرن سان گڏ ميڊيا ڪارنر تي ڳالهائيندي ڪيو، مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناظم جوکيو، فهميده سيال ۽ ذڪيا شاهد ڪيس تي اسان ڳالهائڻ چاهيو پئي ، جنهن بابت ٺهراءُ به جمع ڪرايو ويو، پر اسان کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني وئي. سنڌ اسمبلي ۾ پيش ڪيل حڪومتي ٺهراءُ سنڌ جي 3.9 ملين ايڪڙ سرڪاري زمين تي غير قانوني قبضو ڪرڻ ۽ جعلي دستاويز جاري ڪرڻ جي کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش آهي. سنڌ جي 39 لک سرڪاري زمينن تي پيپلز پارٽي جي بااثر ماڻهن جو قبضو آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ 28 لک ايڪڙ ٻيلا پيپلز پارٽي جي بااثر ماڻهن جي قبضي ۾ آهن. هن چيو ته وڏي وزير جي حڪم تي 13 نومبر تي خادم سولنگي ڳوٺ ڊاهڻ جو ليٽر جاري ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ ڪنهن به ڳوٺ کي ڊاهڻ جو حڪم ناهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.