مونس الاهي ۽ سندس زال جون پرڏيهه ۾ ڳجهيون ملڪيتون، دستاويز پڌرا

لنڊن(م ڊ) پينڊورا پيپرز ۾ هڪ وزير، سندس گهرواريءِ ۽ لنڊن ۾ ڪيئي ملين پائونڊ جي اپارٽمينٽ جو معاملو اڃا تائين راز بڻيل آهي، ان حوالي سان جاچ لاءِ حڪومت پاران جوڙيل ڪميشن به ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهي آهي، بي بي سي موجب ڪميشن جي سربراهه احمد يار هراج جو چوڻ آهي ته روزاني گڏجاڻي ڪندو آهيان، ڪاميٽي پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي، شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، جلد پريس ڪانفرنس ڪئي ويندي، پينڊورا باڪس ۾ پاڻي وسيلن بابت وفاقي وزير مونس الاهي جو  نالو ڪيترائي ڀيرا سامهون آيو آهي، پر هن ڪجهه به مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، مونس الاهي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته منهنجي ڪا به آف شور ڪمپني ناهيم نه وري اهڙا ڪي اثاثا آهن، جيڪي ڊڪليئر نه ڪرايا هجن، پينڊوپيپرز جي دستاويزن موجب 2016ع ۾ مونس الاهي سنگاپور جي هڪ ويلٿ مئنجمينٽ فرم سان گڏجي آف شور ڪمپني ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، ميمو موجب مونس الاهي پاڪستان ۾ زمين جي وڪري مان ڪمايل 33 ملين ڊالر ونٿروپ نالي آف شور ڪمپني ٺاهڻ پئي چاهي، 2015ع ۾ ملين پائونڊ ماليت جو لنڊن ۾ دريا ٽيمز جي ڪناري تي هڪ خوبصورت اپارٽمينٽ بلاڪ ”ريور لائيٽ ڪي“ خريد ڪيو ويو، ان جو بل به مونس الاهي جي آف شور ڪمپني ڀريو هو، اهڙي طرح رڪارڊ موجب، مونس الاهي جي گهر واري تحريم الاهي لنڊن ۾ هڪ اپارٽمينٽ جي مالڪياڻي آهي، جيڪا هن 2017ع ۾ خريدي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.