اڄوڪي اجلاس ۾ قانونسازي حڪومت لاءِ وڏو امتحان، اپوزيشن رستي روڪ لاءِ پرعزم

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته (ن) ليگ عدليه جي خلاف مهم شروع ڪري رکي آهي نواز شريف يا مريم نواز جي پيشي ان اڳ اهڙيون سازشون سدائين ڪيون وينديون رهيون آهن، (ن) ليگ ڪالهه به عدليه تي حملو ڪيو، هڪ اهڙي شخص پاران جعلي بيان سامهون آندو ويو جيڪو (ن) ليگ جي ليڊرن جو ساٿاري آهي، چونڊ سڌارا پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي ذاتي نه قومي ايجنڊا آهي، هر اليڪشن ۾ اسان سڌارن جو مطالبو ڪريون ٿا، جڏهن سڌارن طرف وڃون ٿا ته مخالف ڌر گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي، اسان اهو بل پارليامينٽ مان منظور ڪرائي رهيا آهيون، مخالف ڌر چونڊ سڌارن تي کليل دل سان غور ڪري.هوڏانهن ايم ڪيو ايم پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومت جي حمايت جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي وزير امين الحق چيو ته اڄ اي وي ايم جي بل سميت  قانونسازي تي حڪومت جي حمايت  ڪنداسين، اسان جي مطالبي تي حيدرآباد يونيورسٽي ۽ آدمشماري بل به اجلاس ۾ پيش ٿيندو

اسلام آباد (م ڊ) صدر عارف علوي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ اربع ڏينهن 12 وڳي طلب ڪري ورتو.ايوان صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب صدر عارف علوي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جيڪو اربع ڏينهن ٻارهين وڳي ٿيندو.اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بل سميت ٻيا بل پيش ڪرڻ جو امڪان آهي جڏهن ته وزيراعظم پارليامينٽ ميمبرن کي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي مختلف ايم اين ايز سان ملاقاتون ڪيون، .واضح رهي ته ان کان اڳ اجلاس 11 نومبر تي طلب ڪيو ويو هو پر پوءِ حڪومت اهو ملتوي ڪندي چيو هو ته اهم معاملن تي اپوزيشن سان مشاورت لاءِ ڪجهه وقت گهربل آهي

اسلام آباد (م ڊ) گڏيل اپوزيشن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومتي قانون سازي روڪڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.قومي/ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل اپوزيشن اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس ٿيو.اپوزيشن چيمبر ۾ ٿيل اجلاس ۾ اڄ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي وئي.گڏيل اپوزيشن عزم جو اظهار ڪيو ته ڀرپور قوت سان حڪومت جي ڪاري قانون سازي جو رستو روڪنداسين.گڏيل اپوزيشن سڀني ميمبرن کي سڀاڻي پارليامينٽ ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.شهباز شريف حڪومت ملڪ کي معاشي زوال ۽ عوام کي مهانگائي جي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت ڪِرندڙ ڀت آهي، ٽيڪ ان کي نٿي بچائي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.