ايندڙ چونڊون شفاف نه ٿيون ته سياسي بحران خطرناڪ ٿي ويندو: سراج الحق

لاهور (پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته عوام متحد ٿي اسٽيٽ کي چئلينج ڪن. ظالم اشرافيه کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پرامن جمهوري جدوجهد وقت جي ضرورت آهي. هاڻ کان ئي چونڊن ۾ ڌانڌلي جا منصوبه جوڙيا  پيا وڃن. سڌارب لاءِ سمورن جماعتن جو اتفاق هجڻ ضروري آهي. ايندڙ چونڊون شفاف نه ٿيون ته سياسي بحران خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويندا. پي ٽي آءِ جا چونڊ سڌارا قبول ناهن، هن چيو ته وزيراعظم ڪرپشن خلاف ايڪشن وٺڻ جا ڪوڙا ۽ بي بنياد دعوا ڪيا موجوده حڪومت جي دور ۾ مافيا پئسو ٺاهيو آهي.

  • پنجاب ۾ بي اعتمادي رٿ اچڻ گهرجي: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته راڻا شميم جو معاملو هاڻي عدالت ۾ آهي، سمورا ادارا پنهنجي ماڻهن جو دفاع ڪندا آهن، پنهنجي علائقي ۾ هر هفتي ويندو آهيان، ماڻهو اسان کان سوال پڇن ٿا، توهان ٽي ايل پي سان معاهدا ۽ ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، سياسي پارٽين کي چٿي رهيا آهيو، هن چيو ته مون کي عدليه کان سدائين رليف مليو آهي،پنجاب ۾ بي اعتمادي رٿ اچڻ گهرجي، رٿ ڪير نٿو آڻڻ چاهي ان تي تبصرو نٿو ڪري سگهان

  • ق ليگ جا اپوزيشن سان رابطا آهن: ڪامل آغا

اسلام آباد(م ڊ) ق ليگ سينيٽر ڪامل علي اغا چيو آهي ته ق ليگ جا سموريبن اپوزيشن پارٽين سان رابطا آهن،قانونسازي تي مشاورت ٿيڻ ضروري آهي، ن ليگ اڳواڻ ميان جاويد لطيف چيو آهي ته پنجاب ۾ 30 کان 35 حڪومتي ميمبرن ن ليگ سان رابطو ڪيو آهي،انهن ايندڙ چونڊن لاءِ پارٽي کان ٽڪيٽون گهريون آهن،  پي ٽي آءِ جي فيصل واوڊا چيو ته اسان وٽ نمبر پورا آهن، اڄ اسان کٽينداسين، حاضر سروس جج ۽ فوجي خريد نٿا ٿي سگهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.